Rah e Najat

Book Name:Rah e Najat

   هن آيت جي هڪ معنيٰ هيءَ به آهي ته پل صراط جيڪو جهنم جي پٺيءَ تي رکيو ويندو، هر هڪ کي ان تان گذرڻو آهي، ها! جيڪو مسلمان هوندو، اهو ان تان سلامتي سان گذري ويندو ۽ جيڪو غير مُسلم هوندو، اهو ڪٽجي جهنم جي کڏ ۾ وڃي ڪِرندو.

 سُبْحٰنَ اللہ! ڪلمو پڙهڻ واري جو به ڇا ته شان آهي...!! اهو وارَ کان سنهو، تلوار کان تِکو پلصراط، جنهن تان هر شخص کي گذرڻو ئي گذرڻو آهي، جڏهن غير مُسلم ان تان ڪٽجي ڪري جهنم ۾ ڪِري رهيا هوندا، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! مومن ٻانهو ان تان سلامتي سان گذري ويندو. امام اهلسنّت اعليٰ حضرت رحمةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا:

پائے کوباں پُل سے گزریں گے تری آواز پر                                                                                                          رَبِّ سَلِّم کی صدا پر وجد لاتے جائیں گے

وضاحت: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! توهان جا ديوانا پلصراط تان توهان جي ربّ سلّم جي صدا تي وجد ۾ اچي، کڙيون هڻندي، سرور ۽ مستي جي عالم ۾ گذري ويندا.

ايمان وارو هجڻ جون برڪتون

   پيارا اسلامي ڀائرو! الحمدلله! اسان مسلمان آهيون، الله پاڪ صرف پنهنجي ڪرم سان اسان کي ايمان جي دولت سان نوازيو آهي،  يقيناً هي نهايت وڏي بلڪه سڀ کان وڏي عنايت آهي. تمام فضيلتن، تمام عنايتن، تمام نعمتن جي اصل ئي ايمان آهي * جڏهن ايمان ملي ويندو آهي، تڏهن ٻانهو الله پاڪ جي خاص رحمتن جو حقدار ٿي ويندو آهي * جڏهن ايمان ملي ويندو آهي، ٻانهو ڪامياب ٿي ويندو آهي * جڏهن ايمان ملي ويندو آهي، ٻانهو جنّت جو حقدار