Book Name:Rah e Najat
پنجابي ۾ چوندا آهن نه:
عِشْقْ دِےْ جَھَلِّے نمبر لے گئے عَقْل مَنْدَاں نِے اَیْوِیں عُمْرَاں گالیاں
حضرت بلال رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ عاشقِ رسول هئا، قيامت تائين اچڻ وارن جا سردار بڻجي ويا، ابوجهل ۽ ابو لهب وغيره پنهنجي عقل جي انا ۾ رهيا، ذليل ۽ خوار ٿي ويا.
حضرت ابو عُبيده رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ صحابيءِ رسول آهن، هڪ ڀيري انهن پياري
آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى
اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي کاڌي جي دعوت ڪئي، ٻڪريءَ جو گوشت تيار ڪيائون، کاڌو شروع ٿيو ته سرڪارِ مدينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ
وَسَلَّم جن فرمايو: نَاوِلْنِیْ ذِرَاعَہَا مونکي هن جي دستي (اڳين ڄنگھ)
ڏيو! پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ
عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي دستي جو گوشت پسند هو. حضرت ابو عبيده رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ دستي
پيش ڪئي. ڪجھ دير کان پوءِ
پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم وري
فرمايو: مونکي نَاوِلْنِیْ ذِرَاعَہَا دستي ڏيو. حضرت ابو عبيده رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ دستي پيش ڪئي.
پاڻ صَلَّى اللّٰهُ
عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم وري فرمايو: مونکي دستي ڏيو! حضرت ابو
عبيده رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ عرض
ڪيو: يارسولَ الله
صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ
واٰلِهٖ وَسَلَّم! ٻڪري جون گهڻيون دستيون
هونديون آهن؟ (يعني هڪ ٻڪري جون اڳيون
ڄنگهون ٻه ئي هونديون آهن ۽ مان ٻئي پيش ڪري چڪو آهيان). ان تي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ
وَسَلَّم فرمايو: ان ذات جو قسم جنهن جي قبضي ۾ منهنجي جان آهي!
جيڪڏهن تون خاموش رهين ها ته جيستائين مان گهرندو وڃان ها، تون ٻڪري جي دستي مونکي
ڏيندو وڃين ها، ٻڪري جون دستيون ڪڏهن ختم نه ٿين ها.[1]