Rah e Najat

Book Name:Rah e Najat

مُبَدَّل ہوئے انبیا کے صحائف                                                                                                                                                        مُحَرَّف نہ ہو گا صحیفہ تمہارا([1])

وضاحت: ٻين نبين سڳورن عَـلَـيْهِمُ السَّلَام تي جيڪي صحيفا ۽ ڪتابَ نازل ٿيا، انهن جي امتن انهن جو قدر نه ڪيو ۽ انهن ۾ تبديلي ڪري ڇڏي پر اي محبوبِ ذيشان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! هي اوهان جو شان آهي جو الله پاڪ اوهان تي نازل ٿيڻ واري ڪتاب يعني قرآنِ ڪريم جي حفاظت پاڻ پنهنجي ذمهءِ ڪرم تي کنئين آهي، لهٰذا  اوهان تي نازل ٿيڻ واري ڪتاب قرآنِ ڪريم ۾ ڪڏهن به تبديلي نه ٿيندي.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                        صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

هڪ اهم قرآني حڪم

پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ فتنن جو دور آهي، هر روز ڪيئي فتنا پيدا ٿي رهيا آهن * الحاد (يعني بي ديني) هڪ فتنو آهي، انهن بي عقلن جو چوڻ آهي ته انسان کي سِري کان ڪنهن دين جي ضرورت ئي ناهي، بَس پنهنجو عقل جيڪو چئي، ان تي هلندا رهو، هي اهڙا بي دين آهن جيڪي الله پاڪ جي وجود جو ئي انڪار ڪندا آهن (استغفرُ الله!) * اهڙيءَ طرح غير مُسلم تهذيبن جو فتنو * اهڙيءَ طرح سڪيولر اِزم * ريشنل اِزم (Rationalism) ۽ خبر ناهي ڪهڙا فتنا هر روز پيدا ٿي رهيا آهن، بَس جنهن جي وات ۾ جيڪو اچي ٿو، ڳالهائيندو هلندو ٿو وڃي، وري ٽيڪنالوجي جو دور آهي، هر ننڍي وڏي ٻار وٽ موبائل آهي، انٽرنيٽ آهي، سوشل ميڊيا هلندو آهي، پهريان ايئن هوندو هو ته هڪ جاءِ تي ڪو فتنو پيدا ٿيندو هو ته اتي ئي محدود هوندو هو، ٻئي شهر يا مُلڪ تائين ان جا اثر پهچڻ کان پهريان ئي ختم ٿي ويندا هئا، هاڻي سوشل


 

 



[1]...قبالۂ بخشش،صفحہ:31۔