Rah e Najat

Book Name:Rah e Najat

زندگي ۾ نکار اچي ويندو آهي. *جديد سائنسي تحقيق موجب ڪتاب پڙهڻ سان دماغي بيمارين کان بچاءُ ٿيندو آهي.

هر هفتي پابندي سان هفته وار رسالو پڙهڻ جي نيت ڪيو! شيخ طريقت امير اهل سنت دَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه  هفته وار رسالو پڙهڻ وارن کي مختلف دعائن سان به نوازيندا آهن، اسان هفته وار رسالو پڙهون ته ڪهڙي خبر الله پاڪ جي نيڪ ٻانهي، ولي ڪامل جي زبان مان نڪتل دُعا اسان جي حق ۾ قبول ٿي وڃي ۽ دنيا ۽ آخرت ۾ ٻيڙو پار ٿي وڃي.

 صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب!                                                     صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

اکين جي حفاظت جو ذهن بڻجي ويو

 حيدرآباد (پاڪستان) جي اسلامي ڀاءَ جو بيان ڪجھ هن طرح آهي ته تقريبًا 2004ء جي ڳالھ آهي حيدرآباد کان لاهور وڃڻ جي لاءِ. سفر دوران هڪ اسلامي ڀاءَ سان ملاقات ٿي جيڪو مسافرن کي ڪِرائي تي وهاڻا ۽ چادرون ڏيندو هو، مون انهن تي انفرادي ڪوشش ڪندي اميرِ اهلسنت مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه جو رسالو امرد پسندي جون تباھڪاريون تحفي ۾ پيش ڪيو.

 تقريباً هڪ مهيني کان بعد جڏهن ٻيهر حيدرآباد کان لاهور وڃڻ ٿيو ته روهڙي اسٽيشن تي اهو نوجوان مونکي ٻيهر نظر آيو. ان اڳتي اچي ڪري سهڻي انداز ۾ ملاقات ڪئي زبردستي ٽرين ۾ ٺهيل ڪينٽين ۾ وٺي ويو. اتي ان مونکي چانھ پيش ڪئي ۽ چوڻ لڳو: اوهان جيڪو مونکي رسالو ڏنو هو، خدا جو قسم ان کي پڙهي ڪري مونکي روئڻ اچي ويو ۽ هاڻي به جڏهن هي رسالو پڙهندو آهيان ته منهنجا ڳوڙها وهڻ لڳندا آهن. ٽرين ۾ نظرن جي حفاظت نهايت