Book Name:Rah e Najat
نوان مذهب ٺاهيا پيا وڃن، نوان نوان نظريا ۽ طور طريقا دنيا ۾ بڻايا پيا وڃن، هي راھِ نجات ۽ راھِ هدايت ڪيئن ٿا ٿي سگهن...؟ خبر پئي: جڏهن کان پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم دنيا ۾ تشريف وٺي آيا، پاڻ اعلانِ نبوت فرمائي ڇڏيو، ان کان بعد قيامت تائين نجات جو رستو صرف هڪ آهي، ان کي اسلام چئبو آهي.
خليفه مامون الرشيد جي دور جي ڳالھ آهي هڪ ڀيري خليفي جي درٻار ۾ هڪ غير مُسلم آيو، ان تمام گهڻيون ڳالهيون ڪيون، مامون الرشيد ان کي اسلام قبول ڪرڻ جي دعوت ڏني پر ان انڪار ڪري ڇڏيو. هڪ سال کان پوءِ اهو وري آيو، ان وقت اهو ڪلمو پڙهي ڪري مسلمان ٿي چڪو هو، ان ڪافي علمِ دين به سکي رکيو هو، ان کان جڏهن پڇيو ويو ته اوهان جي اسلام قبول ڪرڻ جو سبب ڇا بڻيو ته ان چيو: گذريل سال جڏهن مان اوهان جي مجلس مان اٿي ويس ته مون مختلف مذهبن جو امتحان وٺڻ جو ارادو ڪيو. جيئن ته مون تورات، انجيل ۽ قرآنِ ڪريم جا 3، 3 نسخا لکيا، جن ۾ پنهنجي طرف کان گهٽ وڌائي ڪري ڇڏي. هي نسخا کڻي ڪري مان تورات ۽ انجيل وارن وٽ ويس، انهن مون کان اهي نسخا خريد ڪيا پر جڏهن مان قرآنِ ڪريم جا مٽايل نسخا کڻي ڪري اسلامي ڪتب خاني ۾ ويس ته انهن هن کي غور سان پڙهيو، جڏهن انهن ڏٺو ته هن ۾ ڪمي بيشي ڪئي وئي آهي ته انهن اهي نسخا خريد ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان سان مون تي اسلام جي سچائي واضح ٿي وئي ۽ مان ڪلمو پڙهي ڪري مسلمان ٿي ويس.[1]