Book Name:Rah e Najat
هتي ڏسو! صحابيءِ رسول جي ڪيتري پياري تربيت ڪئي وئي آهي. ٻڪري جون دستيون 2 هونديون آهن، هي ڳالھ بلڪل واضح آهي، رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم به ڄاڻين ٿا، صحابيءِ رسول به ڄاڻين ٿا پر رسولِ پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم تربيت فرمائي ته اکين ڏٺي حقيقت تي نه وڃو! منهنجي فرمان تي بنياد رک! اڄ جيڪڏهن تون منهنجي فرمان تي اکيون بند ڪرين ها ته مان گهرندو وڃان ها ۽ تون ڏيندو وڃين ها، ٻڪري جون دستيون ڪڏهن ختم نه ٿين ها. الله پاڪ اسان کي اهڙو پختو ايمان، پڪو يقين رکڻ جي توفيق نصيب فرمائي.
اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
بخاري شريف ۾ روايت آهي، هڪ ڀيري هڪ صحابي رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ باگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿيو، عرض ڪيائين: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! منهنجي ڀاءَ جو پيٽ هلي رهيو آهي (يعني ان کي دست ٿي پيا آهن).
سُبْحٰنَ اللہ! صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم جا انداز ڏسو! پيٽ هلي رهيو آهي، دست ٿي پيا آهن ته ڊاڪٽر ڏي وڃڻ گهرجي پر صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کي خبر هئي ته سڀني طبيبن جا طبيب الله پاڪ جا حبيب ئي آهن، جيڪي دلين جي بُري عادتن کان شفا ڏئي سگهن ٿا، ظاهري بيماري کان به نجات ڏئي سگهن ٿا.
خير! ان صحابيءَ رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ پنهنجي ڀاءَ جي بيماري جي متعلق عرض ڪيو، محبوب ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ان کي ماکي پياريو! اهي واپس ويا، پنهنجي ڀاءَ کي ماکي پياريائون. هاڻي مسئلو حل ٿيڻ جي بدران ويتر بگڙي ويو، يعني پهريان کان وڌيڪ دست اچڻ شروع ٿي ويا. وري حاضر ٿيا، محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم وري فرمايو: ان کي ماکي پياريو! واپس ويا، ٻيهر ماکي