Book Name:Rah e Najat
چڪر لڳندا رهيا، نه دوا مٽجي رهي آهي، نه آرام اچي رهيو آهي، ان جي باوجود دل ۾ بُرو خيال نه آيو، ايترن چڪرن جي باوجود اعتماد نه ٽُٽو، خبر هئي ته آرام ملندو ته انهيءَ جي پاڪ در تان ملندو. ايمان اهڙو ئي هجڻ گهرجي. جيڪو محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمائي ڇڏيو، هاڻي دنيا هيڏانهن کان هوڏانهن ٿي وڃي، محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي فرمان کان اسان جو ايمان نه هَٽڻ گهرجي.
قيامت جي ڏينهن اهلِ فَتۡرت جو حال
انسانن جو هڪ طبقو آهي، جن کي اهلِ فَتۡرت چوندا آهن. ان مان مُراد اهي ماڻهو آهن جن تائين ڪنهن نبي عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي تبليغ نه پهتي. جيئن حضرت عيسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي آسان تي تشريف کڻي وڃڻ کان بعد کان وٺي حضُور اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي تشريف آوري کان پهريان جو زمانو فترت جو زمانو چورائيندو آهي ۽ ان زماني جي ماڻهن کي اصحابِ فترت چيو ويندو آهي.[1] قيامت واري ڏينهن انهن ماڻهن کي جمع ڪيو ويندو، الله پاڪ فرمائيندو: توهان سڀ ئي جهنم ۾ هليا وڃو...!!
هي حڪم ٻڌي ڪري انهن جا ٻه گروھ ٿي ويندا، هڪ گروھ ته حڪم ٻڌندي ئي جهنم ڏانهن ڊوڙندو، ٻيو گروھ الله پاڪ جي حڪم جي مقابلي ۾ عقل استعمال ڪندي چوندو: اي الله پاڪ! اسان ڪهڙي ڏوھ ۾ جهنم ۾ وڃون، اسان تائين ته تنهنجو دين پهتو ئي ناهي.
هاڻي اهي ماڻهو جيڪي حڪم ٻڌندي ئي جهنم جي طرف ڊوڙيا هئا، انهن کي واپس گهرايو ويندو، چيو ويندو: جيئن اڄ توهان حڪم مڃيو، ائين ئي دنيا ۾ توهان تائين دين پهچي ها ته توهان مڃي وٺو ها. تنهنڪري توهان جنّت جا حقدار آهيو. ٻيا ماڻهو جيڪي الله پاڪ جي حڪم جي مقابلي ۾ پنهنجو عقل