Rah e Najat

Book Name:Rah e Najat

جيڪي امير هئا، اڃان وڌيڪ امير ٿيندا پيا وڃن، هي صرف اسلام آهي جنهن هن مسئلي جو حل ڏنو، تاريخ گواھ آهي، ”حضرت عُمر بن عبدُ العزيز رحمةُ اللهِ عَلَيْه پنهنجي اڍائي سال جي خلافت جي دور ۾ اسلامي نظام نافذ فرمايو هو، جنهن سان معاشرو ايتري قدر ترقي تي پهچي ويو هو جو زڪوات جو ڪو به حقدار نه ملندو هو.“[1]

   مطلب اهو آهي ته هزارين مسئلا آهن جن تي انسان صدين تائين مغز ماري ڪئي، عقل لڳائي، پر ڪو به حل نه ڪڍي سگهيو ، هي دين آهي، الله پاڪ جي موڪليل هدايت آهي، جنهن هنن مسئلن جو نهايت بهترين حل ڏنو آهي. هي سڀ تاريخي حقيقتون هن ڳالھ جي گواهي ڏين ٿيون ته هن دنيا ۾ انسان دين ۽ شريعت جو محتاج آهي، انسان پابند آهي ته پاڻ کي مڪمل طور تي الله ۽ رسول جي حوالي ڪري ڇڏي، پوءِ انهن جي مرضي جي مطابق زندگي گذاري، پنهنجي گهر، پنهنجي ڪاروبار، پنهنجي تمام معاملن  ۾ شريعت کي معيار بڻائي، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دنيا ۽ آخرت ۾ گهڻي ڪاميابي ۽ ترقي ماڻيندو. جيڪڏهن انسان ائين نه ڪيو ته پوءِ دنيا ۾ جيتوڻيڪ ڪجھ عرصو عيش ڪري به وٺي پر آخرت ۾ نهايت ذلت جو منهن ڏسڻو پوندو.

بادشاھ جي شامت ڇو آئي...؟

منقول آهي: هڪ شخص هو، ان کي جوانيءَ ۾ ئي بادشاهت ملي وئي. هاڻي ان کي ڪجھ پريشاني ٿي ته آّخر مان هن ننڍي عُمر ۾، گهٽ تجربي سان ايڏي وڏي سلطنت ڪيئن هلائيندُس...؟ جيئن ته ان پنهنجي ساٿين درٻارين سان مشورو ڪيو ته چڱن ماڻهن ان کي ٻڌايو ته سلطنت هلائڻ جي لاءِ عالمن سڳورن جي رهنمائي نهايت ضروري آهي. جوان بادشاھ کي ڳالھ سمجھ ۾ آئي،


 

 



[1]...سیرۃ عمر بن عبدالعزیز لابن حکم،غنی الناس فی خلافۃ عمر، صفحہ:110 خلاصۃً۔