Book Name:Rah e Najat
ناهي ته پاڻ سوچيو! اسان دين کي عقل تي ڪيئن ٿا توري سگهون؟
هڪ تاريخ دان نهايت ئي پيارو مثال بيان ڪيو آهي، لکن ٿا: عقل جو مثال سونار جي ساهمي جيان آهي. سونار جي ساهمي وڏي ڪمال جي هوندي آهي، هي صرف گرام ئي نه بلڪه ملي گرام به ٻڌائيندي آهي پر ان ساهمي تي اسان جبل کي نه ٿا توري سگهون، جيڪڏهن وڏو پٿر ان ننڍڙي ساهمي تي رکي ڇڏيون ته ساهمي ٽُٽي پوندي. ائين ئي دين جيڪو آهي، ان جو مثال جبل جيان آهي، عقل جو مثال ان ننڍڙي ساهمي جهڙو آهي. اسان ديني احڪام ۽ مسئلن کي پنهنجي عقل سان نه ٿا توري سگهون، جيڪڏهن وحي جي دائري ۾ عقل کي استعمال ڪنداسين ته ڀٽڪي وينداسين. ان ڪري ديني احڪامن ۽ مسئلن جون جيڪي حڪمتون سمجھ اينديون آهن، ان تي الله پاڪ جو شڪر ادا ڪيو! جيڪڏهن سمجھ نه ٿيون اچن ته سمجهي وڃو ته اسان جي سمجھ ننڍي آهي، الله ۽ رسول جا ارشادات اسان جي سمجھ کان مٿي آهن.
گزر جا عقل سے آگے کہ یہ نور چراغِ راہ ہے منزل نہیں ہے
وضاحت: عقل هڪ نُور آهي، جيڪو اسان کي ڏنو ويو آهي ته جيئن ان جي ذريعي روشني حاصل ڪيون پر اصل منزل هي ناهي. منزل ڪهڙي آهي؟ الله ۽ رسول جي رضا، دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي. لهٰذا عقل کان روشني ضرور وٺو! پر انهي جا ئي نه ٿي وڃو! اُن کان اڳتي گذري ڪري پنهنجي منزل تي پهچو! الله ۽ رسول کي راضي ڪيو!