Rah e Najat

Book Name:Rah e Najat

استعمال ڪندا، انهن کي فرمايو ويندو: جيئن اڄ توهان حڪم نه مڃيو، دنيا ۾ دين پهچي ها ته تڏهن به نه مڃيو ها، تنهنڪري توهان جهنم جا حقدار آهيو.

 (مسالک الحنفا)

 خبر پئي: اصل امتحان ئي اِهو  آهي ته ڪير الله ۽ رسول جو حڪم بنا ڏسڻ جي خاموشي سان مڃي وٺي ٿو، ڪير الله ۽ رسول جي حڪم جي مقابلي ۾ عقل استعمال ڪري ٿو. تنهنڪري الله ۽ رسول جي فرمان تي دل جي گهرائين سان پڪو يقين رکو! ڪا ڳالھ اسان جي سمجھ ۾ اچي ٿي ته الله پاڪ جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن اسان جي سمجھ ۾ نه ٿي اچي ته اسان جي سمجھ ننڍي آهي، الله ۽ رسول جو فرمان اسان جي عقل کان تمام مٿاهون آهي، ۽ ان کي مڃي وٺندا ڪيو!

گزر جا عقل سے آگے کہ یہ نُور                                                                                                                                                    چراغِ راہ ہے منزل نہیں ہے

الله پاڪ اسان کي توفيق بخشي، ايمان تي استقامت نصيب فرمائي، هن زماني جي فتنن کان نجات ملي، ڪاش! اسان پنهنجو ايمان سلامت کڻي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون.

 اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن   صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                                                                                           صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: هفتيوار رسالو مطالعو

   پيارا اسلامي ڀائرو! خوفِ خُدا حاصل ڪرڻ، نيڪين ڀري زندگي گذارڻ، الله پاڪ جي عبادت ۽ نيڪ اعمال جو جذبو حاصل ڪرڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول