Book Name:Rah e Najat
مرد کي چئن شادين جي اجازت آهي ته عورت کي ڇو نه آهي؟ *عورتن تي اسلام پابنديون ڇو لڳايون آهن؟ وغيره وغيره اهڙا ڪيئي ديني مسئلا آهن جيڪي ماڻهن جي سمجھ ۾ ناهن ايندا، جڏهن سمجھ ۾ ناهن ايندا ته انهن تي عمل ناهن ڪندا بلڪه ڪجهه نادان ته ضد ۽ هٺ ڌرمي تي لهي ايندا آهن ۽ انڪار جي طرف به وڌي ويندا آهن. الله پاڪ اسان کي اهڙي ناداني کان محفوظ فرمائي.
ڏسو! ڪنهن شيءِ جي علم اچڻ جا 3 ذريعا هوندا آهن: (1): هڪ ذريعو آهي اسان جا حواس يعني اک، ڪن وغيره کوڙ شين کي اسان ڏسي ڪري سڃاڻي ويندا آهيون، هيٺ زمين آهي، مٿي آسمان آهي، آسمان تي تارا چمڪندا آهن. اسان اکين سان ڏٺو ۽ سڃاڻي ورتو، ايتري معلومات جي لاءِ اسان کي ڪجھ به سکڻ پڙهڻ جي ضرورت ناهي هوندي (2): علم اچڻ جو ٻيو ذريعو اسان جو عقل آهي. ڪيئي علوم اهي آهن، جيڪي اسان اک، ڪن وغيره جي ذريعي نه ٿا سکي سگهون، انهن جي لاءِ اسان کي پنهنجو عقل استعمال ڪرڻو پوندو آهي، جيئن رياضي آهي، سائنس آهي، فزڪس، ڪيمسٽري وغيره اهي علوم آهن جيڪي سکڻ جي لاءِ اسان کي اسڪول وڃڻو پوندو آهي (3): علم جو ٽيون ذريعو وحي آهي. اسان جا اهي معاملا، اهي مسئلا، اهي مُشڪلاتون جيڪي اسان عقل جي ذريعي به حل ناهيون ڪري سگهندا، اهي ڳالهيون سيکارڻ جي لاءِ الله پاڪ انبياءِ ڪرام عَـلَـيْهِمُ السَّلَام موڪليا، انهن تي وحي نازل فرمائي ۽ اسان تائين دين جو علم پهچايو.
خبر پئي: وحي ۽ دين جون ڳالهيون شروع اتان ٿينديون آهن جتي عقل جي پهچ ختم ٿي ويندي آهي. جڏهن دين جو درجو اهو آهي جتي عقل جي پهچ ئي