Book Name:Rah e Najat
پياريائون. مسئلو اڃان وڌي ويو. ٽيون ڀيرو حاضر ٿيا، عرض ڪيائون، وري اهو ئي ارشاد ٿيو، واپس ويا، ۽ ماکي پياريائون. مسئلو اڃان وڌي ويو. چوٿون ڀيرو وري حاضر ٿيا، درخواست پيش ڪيائون، فرمايائون: الله پاڪ سچو آهي، تنهنجي ڀاءَ جو پيٽ ڪوڙو آهي (يعني توهان جي ڀاءَ جي بيماري جي متعلق الله پاڪ هي فرمايو آهي ته هن جو علاج ماکيءَ ۾ آهي، جيڪڏهن ماکي پيئڻ سان بيماري ٺيڪ ناهي ٿي رهي تڏهن به الله پاڪ جو فرمان سچو آهي، قصور توهان جي ڀاءَ جي پيٽ جو آهي)، هن ڀيري وري وڃ! ۽ ان کي ماکي پياريو! هن ڀيري اهي صحابي واپس ويا، ماکي پياريائون ته انهن کي آرام اچي ويو. (مشکاۃ)
هاڻي هتي ڏسو! هڪ ته پياري محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو بي مثل ۽ بي مثال ايمان آهي ته الله پاڪ وحي وغيره جي ذريعي هي فرمايو آهي ته هن بيماري جو علاج ماکيءَ سان ٿيندو پر 3 ڀيرا ماکي پيارڻ جي باوجود علاج نه ٿيو، محبوب ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم هن تي ڇا فرمايو: الله پاڪ سچو آهي، توهان جي ڀاءَ جو پيٽ ڪوڙو آهي.
معلوم ٿيو: سيرتِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو به اهو ئي درس آهي ته اسان جي اکين ڏٺي ڳالھ غلط ٿي سگهي ٿي پر الله پاڪ جو فرمان غلط نه ٿو ٿئي سگهي.
وري ان صحابيءِ رسول رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جي ايمان تي قربان وڃو! اسان هڪ ڀيرو ڊاڪٽر وٽ ويندا آهيون، آرام نه اچي ته ٻيهر ويندا آهيون، ڊاڪٽر دوا مٽائي ڇڏيندو آهي، ڪجھ اميد ٿي ويندي آهي ته هن دوا سان آرام اچي ويندو، ان سان به نه اچي ته اسان ڊاڪٽر ئي مَٽائي ڇڏيندا آهيون. ان صحابيءَ رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جو ايمان ڏسو! دوا سان آرام ته ڇا اچڻو هو، ويتر مرض وڌي ويو، وري حاضر ٿيا، اها ئي دوا ملي، مرض اڃا وڌي ويو، وري حاضر ٿيا، دوا اها ئي ڏني وئي، باربار