Book Name:Rah e Najat
جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته رهو 12 ديني ڪمن ۾ خوب حصو وٺو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دين ۽ دنيا جون بي شمار ڀلايون نصيب ٿينديون. 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: هفتيوار رسالو مطالعو به آهي.
*سرورِ عالَم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: "اَلْعِلْمُ بِالتَّعَلُّمِ" (علم سکڻ سان ايندو آهي).
*دورِ حاضر جي بُرائين مان هڪ وڏي بُرائي هيء به آهي ته ماڻهو دين جي علم کان پري ٿي رهيا آهن. *ديني ڪتاب پڙهڻ جو شوق گهٽجي رهيو آهي. *اڳي ماڻهو ديني ڪتابن سان تمام گهڻي دلچسپي رکندا هئا *۽ رات ڏينهن ڪتاب پڙهندا هئا. نتيجي ۾ انهن وٽ ديني ڄاڻ به ڪافي هوندي هئي ۽ زندگي به پاڪيزه رهندي هئي.
* الحمدُ للہ! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي گهر گهر ديني علم جي روشني پهچائي رهي آهي. باني دعوتِ اسلامي، شيخِ طريقت، اميرِ اهلِ سنت، دامت برڪاتهم العاليہ، پاڻ به ديني علم جا تمام گهڻا شوقين آهن ۽ عاشقانِ رسول کي ديني ڪتاب پڙهڻ جو شوق ڏياريندا آهن. *پاڻ هر هفتي هڪ ديني رسالو پڙهڻ جو فرمائيندا آهن،* مختصر رسالو هوندو آهي *ڪجهه منٽن يا ڪلاڪن ۾ پڙهي سگهجي ٿو.
*توهان به پڙهو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!، تمام گهڻو فائدو ٿيندو.* ديني ڄاڻ ۾ اضافو ٿيندو، *دين سکڻ جو ثواب ملندو. *ديني ڪتاب پڙهڻ سان دماغ کُلندو آهي ، *نظر وسيع ٿيندي آهي، *حڪمت ملندي آهي، *سوچ پاڪيزه ٿيندي آهي ۽