Rah e Najat

Book Name:Rah e Najat

چهري جي طرف ڏٺو، جلال واري ڪيفيت کي ملاحظه ڪيو ته ڏڪي ويا. جلدي تورات کي بند ڪري ڇڏيائون، بارگاھِ رسالت ۾ معافي جا طلب گار ٿيا. ان تي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ان ذات جو قَسم جنهن جي قبضي ۾ منهنجي جان آهي! جيڪڏهن حضرت موسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم پاڻ ظاهري زندگي سان دنيا ۾ وري تشريف وٺي اچن، تون مون کي ڇڏي ڪري انهن جي پيروي شروع ڪرين ته سڌي رستي کان ڀٽڪي ويندي، جيڪڏهن هاڻي حضرت موسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم پاڻ ظاهري زندگي سان دنيا ۾ موجود هجن ها ته ضرور منهنجي پيروي اختيار ڪن ها.

خَلق سے اَولیاء،اَولیاء سے رُسُل                                                                       اور رسولوں سے اَعلیٰ ہمارا نبی

ملکِ کونین میں انبیا تاجدار                                                                                                            تاجداروں کا آقا ہمَارا نبی([1]) 

 

   الله! اڪبر! پيارا اسلامي ڀائرو! ڪيترو غور جو مقام آهي...!! تورات شريف آسماني ڪتاب آهي، * هڪ عرصي تائين هدايت جو معيار هي ڪتاب ئي رهيو * صدين تائين ان تي عمل ڪرڻ وارا ئي نجات ماڻيندا هئا * اهو بُلند شان وارو ڪتاب آهي، جنهن تي عمل ڪرڻ وارا بُلند مقامات ماڻيندا هئا*  جنهن تي عمل جي برڪت سان بني اسرائيل فتح ماڻيندا هئا * الله پاڪ جي رحمتن جا حقدار ٿيندا هئا * جنهن کي پڙهڻ به ثواب هو * ڏسڻ جو به ثواب هو * هاڻي جڏهن ته محبوبِ ذيشان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم دنيا ۾ تشريف وٺي اچي چڪا، * اعلانِ نبوت فرمائي چڪا، * ان کان پوءِ هي تورات به نجات جي راھ نه رهيو ان تي به عمل منسوخ ٿي ويو. جڏهن گذريل آسماني ڪتابن جي متعلق هي حڪم آهي ته خود غور فرمايو! جيڪي نوان نوان فتنا پيدا ٿي رهيا آهن، نوان


 

 



[1]...  حدائقِ بخشش، صفحہ:138-139 ملتقطاً۔