Jahannam Ki Wadi

Book Name:Jahannam Ki Wadi

 

الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

وَیْلٌ لِّلْمُطَفِّفِیْنَۙ(۱) الَّذِیْنَ اِذَا اكْتَالُوْا عَلَى النَّاسِ یَسْتَوْفُوْنَ٘ۖ(۲) وَ اِذَا كَالُوْهُمْ اَوْ وَّ زَنُوْهُمْ یُخْسِرُوْنَؕ(۳)

 (پارہ:30 ،المطففین:1 -3)               

ترجموڪنزالعرفان:گهٽ تورڻ وارن جي لاءِ خرابي آهي اهي ماڻهو جو جڏهن ٻين ماڻهن کان ماپي وٺن ته پورو وصول ڪن ۽ جڏهن هو انهن کي ماپي يا توري ڏين ته گهٽ ڪري ڏين.

نمازن ۾ سُستي ڪرڻ

    پياريون اسلامي ڀينرون! جهنمي وادي ويل جو حقدار بڻائڻ وارو ٽيون بُرو عمل آهي: نمازن ۾ سستي ڪرڻ. جيئن ته: سيپاري 30، سوره ماعون، آيت: 4 ۽ 5 ۾ ارشاد ٿئي ٿو:

فَوَیْلٌ لِّلْمُصَلِّیْنَۙ(۴) الَّذِیْنَ هُمْ عَنْ صَلَاتِهِمْ سَاهُوْنَۙ(۵) (پارہ:30 ،الماعون:4- 5)

ترجمو ڪنزالايمان: پوءِ خرابي آهي  انهن نمازين جي جيڪي پنهنجي نماز کان غافل ويٺا آهن.

معلوم ٿيو: جيڪي نماز ۾ سستي ڪن ٿا، نماز کان غفلت ڪن ٿا، اهي جهنم جي ويل نالي خوفناڪ وادي جا حقدار آهن.

نماز کان غفلت جون ڪجھ صورتون

 پياريون اسلامي ڀينرون! نماز کان غفلت جون ڪيئي صورتون آهن، مثال طور نماز پابندي سان نه پڙهڻ، صحيح وقت تي نه پڙهڻ، فرائض ۽ واجبات کي صحيح طريقي سان ادا نه ڪرڻ، بنا ڪنهن شرعي عُذر جي باجماعت نه پڙهڻ، نماز جي پرواھ نه ڪرڻ، اڪيلائي ۾ قضا ڪرڻ ۽ ماڻهن جي سامهون