Book Name:Jahannam Ki Wadi
گناھن کان توبھ ڪري وٺو! قرآنِ ڪريم ۾ ٻڌايو ويو ته جيڪي نمازون ضايع ڪندا آهن اهي غَي نالي جهنّم جي هولناڪ کوھ جا حقدار آهن. هن خوفناڪ کوھ کي سمجهڻ جي لاءِ ڪڏهن ڪنهن دنياوي وڏي کوھ جي ڪناري بيهي ڪري ان جي گهرائي ۾ ٿوري نظر وجهو ۽ سوچيو ته جيڪڏهن دنيا جي ان کوھ ۾ ئي قيد ڪيو وڃي ته ڇا اسان هن سزا کي برداشت ڪري سگهنديون سين؟ جيڪڏهن نه ۽ يقيناً نه ته پوءِ جهنّم جي خوفناڪ کوھ جو عذاب ڪيئن برداشت ٿي سگهندو!
بے نمازی کی نحوست ہے بڑی مر کے پائے گا سَزا بے حد کڑی
منقول آهي: قيامت جي ڏينهن نمازن ۾ سُستي ڪرڻ وارو هن حال ۾ ايندو جو ان جي چهري تي ٽي سٽون لکيل هونديون: (1): اي الله جو حق برباد ڪرڻ وارا! (2): اي الله جي غضب سان مخصوص! (3): جهڙيءَ طرح دنيا ۾ تو حقُ الله يعني الله پاڪ جو حق ضايع ڪيو اهڙيءَ طرح اڄ تون به الله پاڪ جي رحمت کان مايوس ٿي وڃ.[1]
الله پاڪ اسان کي سچي، پڪي نمازڻ بڻجڻ جي توفيق نصيب فرمائي.
اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
ويل جو حقدار بڻائڻ وارا 3 اعمال
پياريون اسلامي ڀينرون! وڌيڪ ڪهڙا ڪهڙا بُرا عمل آهن، جيڪي ويل جو حقدار بڻائڻ وارا آهن. الله پاڪ فرمائي ٿو: