Book Name:Jahannam Ki Wadi
حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلنِّیَّۃُ الْحَسَنَۃُ تُدْخِلُ صَاحِبَہَا الْجَنّۃَ سچي نيت ٻانهي کي جنت ۾ داخل ڪري ڇڏيندي آهي۔([1])
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! سٺين سٺين نيتن سان ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿيون، مثال طور نيت ڪريو! * رضاءِ الٰهي جي لاءِ مڪمل بيان ٻڌنديس * اَدَب سان ويهنديس *بيان دروان سُستي کان بچنديس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌنديس * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪنديس۔
صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد
سيپارو1: سورت بقره، آيت: 24 ۾ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:
فَاتَّقُوا النَّارَ الَّتِیْ وَ قُوْدُهَا النَّاسُ وَ الْحِجَارَةُ (پارہ:1،البقرہ:24)
ترجموڪنزالعرفان: ڊڄو ان باھ کان جنهن جو ٻارڻ انسان ۽ پٿر آهن.
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! هن آيتِ ڪريمه ۾ جهنم جي هولناڪين کي بيان ڪيو ويو آهي ته جهنم جي باھ اهڙي خطرناڪ آهي جو ان جو ٻارڻ انسان ۽ پٿر آهن، اسان وٽ موجود دنيا جي جيڪا باھ آهي هي پٿرن کي گرم ته ڪري ڇڏي ٿي آهي پر ساڙي نٿي سگهي پر جهنم جي باھ اهڙي ته هولناڪ باھ آهي جو