Book Name:Jahannam Ki Wadi
شَهنشاھ نُبُوت صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جو فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سُنّت سان مَحَبَّت ڪئي ان مون سان مَحَبَّت ڪئي ۽ جنهن مون سان مَحَبَّت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔[1]
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
2 فرامينِ مصطفٰي صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ ! (1): جيڪو مريض جي عيادت ڪندو آهي، اهو جنّت جي باغن ۾ ويهندو آهي، جڏهن اهو بيهندو آهي ته 70 هزار ملائڪ رات تائين ان جي لاءِ دعا ڪندا آهن.[2] (2): جنهن به سٺي طريقي سان وُضُو ڪيو پوءِ ثواب جي نيّت سان پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي عِيادت ڪئي ته ان کي جهنّم کان 70 سالن جي فاصلي تائين پري ڪيو ويندو.[3]
پياريون اسلامي ڀينرون! بيمار جي عِيادت ڪرڻ سنّتِ مصطفٰي بلڪه سنّتِ انبياء آهي نبين جي نبي رسولِ هاشمي صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جي عادتِ ڪريمه هئي ته ڪنهن صحابي (رَضِىَ اللهُ عَنْه) جي بيمار هجڻ جي اطلاع ملندي هئي ته پاڻ ڪريم صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ ان جي عيادت جي لاءِ تشريف وٺي ويندا هئا جيڪڏهن ڪو شخص 3 ڏينهن مسجد کان غائب رهندو هو ته پاڻ ان جي متعلق ماڻهن کان پڇندا هئا، جيڪڏهن اهو بيمار ٿيندو ته ان جي عيادت فرمائيندا[4]۽ عيادت جي لاءِ جيڪڏهن مديني شريف جي آخري ڪناري تائين به وڃڻو پوندو هو ته تشريف وٺي ويندا ۽ پنهنجي صحابه (رَضِىَ اللهُ عَنْهم) جي عيادت فرمائيندا.[5] مشهور مُفسرِ قرآن، مفتي
[1] مشڪوٰة الصابيح،ڪتاب الايمان،باب الاعتصام بالڪتاب والسنة ،الفصل الثاني،1/55،حديث:175
[2] شعب الايمان، مریض کی عیادت کا باب،جلد:6، صفحہ:531،حديث:9171۔
[3] ابو داؤد ،کتاب:جنائز ، باب :وضو میں عیادت کی فضیلت، صفحہ: 500، حدیث:3097۔
[4] مسند ابی یعلی، جلد:3، صفحہ: 141، حدیث: 3429۔
[5] مسلم،كتاب: جنائز، مریض کی عیادت کا باب ،صفحہ:331، حدیث:925خلاصۃً۔