Jahannam Ki Wadi

Book Name:Jahannam Ki Wadi

مختلف قسم جا عذاب ٿيندا. ڪجھ روايت ۾ آهي ته ويل هڪ کوھ آهي، جتي اهل جهنم جو رت ۽ پونءَ جمع ٿيندو.[1] پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ   صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو:  جڏهن ڪافرن کي جهنم ۾ وڌو ويندو ته اهي جهنم جي اونهائي ۾ ڪرڻ کان پهريان 40 سال تائين ويل نالي وادي ۾ رهندا. [2] حضرت عطاء بن يسار رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا:  ويل نالي جهنم جي وادي ايتري هولناڪ آهي  جو جيڪڏهن ان ۾ جبل وڌا وڃن ته اهي به ان جي گرمي سان پگهرجي ويندا.[3]

الله پاڪ جي پناھ! الله پاڪ جي پناھ! الله پاڪ اسان کي جهنم کان ۽ جهنم جي هن هولناڪ وادي کان محفوظ فرمائي.

ويل جو حَقدار بڻائڻ وارا عمل

پياريون اسلامي ڀينرون! جهنم جي هن هولناڪ وادي جو حقدار ڪير آهي؟ اهي ڪهڙا بُرا عمل آهن، جيڪي هن وادي ۾ وڃڻ جو سبب بڻجي سگهن ٿا؟ اچو! ٻڌون ٿيون ۽ هن نيت سان ٻڌون ٿيون ته اسان برن ڪمن کان بچي ڪري پاڻ کي جهنم کان بچائڻ ۽ جهنم جو حقدار بڻائڻ جي ڪوشش ڪنديون سي.

اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!

(1)ڪافر ويل جا حَقدار آهن

الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

فَوَیْلٌ لِّلَّذِیْنَ كَفَرُوْا مِنَ النَّارِؕ(۲۷) (پارہ:23،الصاد:27)

ترجموڪنزالعرفان:  سو ڪافرن جي لاءِ باھ جي خرابي آهي.


 

 



[1] معجمِ کبیر،جلد:4 ،صفحہ:544 ،حدیث:9015۔

[2]  ترمذی موسوعہ ابنِ ابی الدنیا،صفۃ النار،جلد:6 ،صفحہ:406۔ 

[3]    موسوعہ ابنِ ابی الدنیا،صفۃ النار،جلد:6 ،صفحہ:406۔