Jahannam Ki Wadi

Book Name:Jahannam Ki Wadi

هولناڪ آهي جو جيڪڏهن سوئي جي سوراخ برابر جهنم کي کوليو وڃي ته سڀئي زمين وارا هن تپش ۽ گرمي جي سبب موت جي منهن ۾ هليا وڃن.

الله الله! سوئي جو سوراخ هوندو ڪيترو آهي؟ هن ۾ جيڪڏهن ڌاڳو وجهبو  آهي ته ڪيتري مشڪل پيش ايندي آهي، ايترو ننڍڙو سوراخ هوندو آهي. جڏهن ايتري ننڍڙي سوراخ جيترو جهنم کي کولڻ سان اهڙي تباهي  اچي سگهي ٿي ته  اندازو لڳايو! اهي بدنصيب جن کي هن جهنم جي اندر وڌو ويندو، افسوس! جهنم جي ڀڙڪندڙ باھ انهن جي جسمن سان چنبڙي ويندي، جسم کي اندر تائين ساڙي ڇڏيندي، افسوس! جن جي مٿي کان پيرن تائين باھ ئي باھ هوندي، غور ته فرمايو! هي هولناڪ باھ انهن جي حالت بي حال ڪري ڇڏيندي.

جهنم کان بچڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪيو!

الله پاڪ جي پياري  ۽ آخري نبي، رسول هاشمي   صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ فرمايو:  (اي انسانو) جنت کي حاصل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪيو ۽ پوري ڪوشش سان جهنم کان پري ڀڄو...! بيشڪ جنت جو طلبگار ڪڏهن غافل ناهي ٿيندو، بيشڪ جهنم کان پري ڀڄڻ وارو ڪڏهن غفلت جي ننڊ ناهي سمهندو، بيشڪ آخرت ناپسنديده ڪمن کان ڀريل آهي (يعني آخرت ۾ ڪاميابي جي لاءِ نفساني خواهشن کي ڇڏڻو پوندو آهي) جڏهن ته دنيا لذتن ۽ خواهشن سان ڀريل آهي، پس دنيا جون هي لذتون ۽ خواهشون توهان کي آخرت کان هرگز غافل نه ڪن.[1] اچو ملي ڪري گنهگارن کي بخشرائڻ واري آقا، جنت ڏيارڻ واري آقا   صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ  جي بارگاھ ۾ فرياد ڪيون ٿا:

جهنم جي وادي ويل جو  تعارف

پياريون اسلامي ڀينرون! جهنم جون ڪيئي واديون آهن، انهن مان هڪ وادي آهي، جنهن جو نالو ويل آهي. هيء جهنم جي تمام هولناڪ وادي آهي. هن ۾


 

 



[1] کنز العمال،کتاب المواعظ و الرقائق،الفصل العاشر،جز:15 ،جلد:8،صفحہ:392 ،حدیث:43591