Book Name:Jahannam Ki Wadi
خبر پئي: ڪفر جهنم جي ويل نالي وادي جو حقدار بڻجڻ جو سبب آهي.
پياريون اسلامي ڀينرون! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! اسان مسلمان آهيون، يقيناً هي الله پاڪ جي تمام وڏي نعمت آهي، اسان جو ڪلمو پڙهڻ، مسلمان ٿيڻ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! جهنم کان بچي جنت ۾ وڃڻ جو ذريعو بڻجي ويندو پر ياد رکو! جهنم کان بچڻ ۽ جنت جو حقدار بڻجڻ جي لاءِ صرف مسلمان هجڻ ڪافي ناهي بلڪه ايمان سلامت کڻي دنيا کان وڃڻ به ضروري آهي..
انهي ڪري اسان کي گهرجي ته اسان پنهنجي ايمان بابت فڪر ڪيون، الله پاڪ اسان کي ايمان جي دولت کان نوازيو آهي، ان جي قدر به ڪيون، ان جو شڪر به ادا ڪريون ۽ گڏوگڏ ڪفر کان نفرت به ڪنديون رهون. حديث شريف ۾ آهي: جنهن ۾ ٽي ڳالهيون هجن، اهو ايمان جي مٺاڻ ماڻي وٺندو آهي (انهن 3 مان هڪ ڳالھ هي ارشاد فرمائي:) اهو ايمان کان بعد ڪفر جي طرف موٽڻ کي ايئن ناپسند ڪري، جيئن باھ ۾ ڪِرڻ کي ناپسند ڪندو آهي. [1]
خبر پئي، ايمان جي حال ۾ رهڻ. ايمان جي سلامتي سان قبر ۾ لهڻ ۽ ان جي ذريعي جنت جو حقدار بڻجڻ جي لاءِ ضروري آهي ته اسان ڪفر کان هردم نفرت ڪيون.
افسوس! اڄڪلھ ايمان جي سلامتي جو فڪر تمام گهٽ ماڻهن کي ٿيندو آهي. * عام طور ماڻهو پنهنجي نفس تي ڀروسو ڪندا آهن. *بدمذهبن ۽ برن ماڻهن جي صحبت ۾ ويهڻ، * گناهن ۾ مصروف رهڻ. اسان ڇا سکي رهيا آهيون، ڪنهن