Jahannam Ki Wadi

Book Name:Jahannam Ki Wadi

حضرت سيدنا امام اعظم ابو حنيفہ رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ ڪپڙي جو ڪاروبار ڪندا هئا ۽ ڪاروبار ۾ ايمانداري ۽ مسلمانن جي ڀلائي جو خاص خيال رکندا هئا. سندن جو نالو نعمان هو، ۽ پاڻ 70 هجري ۾ عراق جي شهر ڪوفه ۾ پيدا ٿيا. امام اعظم 80 سالن جي عمر ۾ 2 شعبان المعظم 150 هجري ۾ ظاهري دنيا مان پردو فرمايو. پاڻ چارئي امامن ۾ سڀني کان بلند مرتبي جا مالڪ آهن، ڇوته اوهان تابعين مان آهيو.تابعي ان خوشنصيب انسان کي چيو ويندو آهي، جنهن ايمان جي حالت ۾ ڪنهن صحابيءَ سان ملاقات ڪئي هجي ۽ ايمان تي ئي سندس خاتمو ٿيو هجي. مختلف روايتن مطابق، امام اعظم رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ ڪجهه صحابهِ ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان  سان ملاقات جو شرف حاصل ڪيو ۽ ڪجھ صحابهِ ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان   کان براهِ راست پاڻ سڳورن   صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ  جا ارشاد سڌي طرح ٻڌا.

امامِ اعظم رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ    جا اوصاف

حضرت سيدنا امام اعظم رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ رمضان المبارڪ ۽ عيدالفطر ۾ 62 دفعا قرآن پاڪ ختم ڪندا هئا (هڪ ڏينهن ۾، هڪ رات ۾، هڪ تراويح ۾ سڄي مهيني دوران، ۽ عيد جي ڏينهن). پاڻ سخاوت ڪرڻ وارا، علم سيکارڻ وارا، الله پاڪ کان ڊڄڻ وارا، ماڻهن جا حق ادا ڪرڻ وارا، معافي ۽ درگذر ڪرڻ وارا، فضول ڳالهين کان بچڻ وارا، ۽ تقوا ۽ پرهيزگاري جهڙن اعلى اوصاف جا مالڪ هئا.  (حوالو: اشڪن جي برسات، صفحو 8(

جوبے مثال آپکا ہے تقویٰ،  توبے مثال ہے آپکا فتویٰ

ہیں عِلْم و تقویٰ کے آپ سنگم ،امام ِاعظم ابو حنیفہ

 پياريون اسلامي ڀينرون! بَيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت، ڪجھ سُنّتون ۽ آداب بَيان ڪرڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيان ٿي۔ تاجدارِرسالت،