Book Name:Jahannam Ki Wadi
اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
پياريون اسلامي ڀينرون! وڌيڪ ڪير آهي جيڪو جهنم جي هولناڪ وادي جو حقدار ٿيندو، الله پاڪ فرمائي ٿو:
الَّذِیْ جَمَعَ مَالًا وَّ عَدَّدَهٗۙ(۲) (پارہ:30 ،اَلْہُمَزَہ:2)
ترجمو ڪنزالعرفان: جنهن مال گڏ ڪيو ۽ ان ڳڻي ڳڻي رکيو.
خيال رهي! ضرورت جيترو مال جمع ڪرڻ ۽ ڳڻي ڳڻي رکڻ شرعي طور جائز آهي، گناھ ناهي. باقي! مال گڏ ڪرڻ جون ڪجھ صورتون گهڻيون بريون آهن، مثلاً حرام ذريعي کان مال ڪمائڻ ۽ گڏ ڪرڻ. * جمع ڪيل مال مان شرعي حق (مثلاً زڪوات وغيره) ادا نه ڪرڻ. * مال گڏ ڪرڻ ۾ ايئن مشغول ٿيڻ جو الله پاڪ کي وساري ئي ڇڏي، مال جي حرص ۾ نماز روزي ۽ ٻين عبادتن جي طرف توجھ نه ڪرڻ وغيره. مال جمع ڪرڻ جي اهڙي صورت هجي ته هي گهڻو نقصانده ۽ هلاڪت ۾ وجهڻ واري آهي.
توهان کي هلاڪ ڪيو مال جي گهڻي طلب
الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:
اَلْهٰىكُمُ التَّكَاثُرُۙ(۱) حَتّٰى زُرْتُمُ الْمَقَابِرَؕ(۲) (پارہ30،التکاثر:1-2)
ترجمو ڪنزالايمان: توهان کي غافل رکيو مال جي گهڻي طلب ايستائين جو توهان قبرن جو منهن ڏٺو.
پياريون اسلامي ڀينرون! الله پاڪ اسان کي مال جي محبت کان محفوظ فرمائي. ايمان جي مضبوطي ۽ اخلاق ۽ ڪردار جي دُرُستگي ان ۾ آهي ته انسان هرگھڙي موت، قبر ۽ آخرت کي ياد رکي پر دُنياوي مال جو هڪ انتهائي