Jahannam Ki Wadi

Book Name:Jahannam Ki Wadi

قبر جو ساٿي ڪير....؟

الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي   صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ  فرمايو: انسان جا 3 دوست آهن: (1): هڪ اهو جيڪو ان جي روح نڪرڻ تائين ان سان گڏ هوندو آهي (2): ٻيو ان جي قبر تائين گڏ ويندو آهي ۽ (3): ٽيون ميدانِ محشر تائين ساٿ ڏيندو آهي. انسان جو اهو دوست جيڪو ان جي مرڻ تائين گڏ هوندو آهي، اهو سندس مال آهي ۽ انسان جو اهو دوست جيڪو قبر تائين ويندو آهي، اهي سندس گھر وارا آهن ۽ انسان جو اهو باوفا دوست جيڪو ميدانِ محشر تائين گڏ هوندو آهي اهو سندس عمل آهي.

 پياريون اسلامي ڀينرون! اسان کي مال جي حِرص ۽ محبت کان بچڻ گھرجي، باقي ان جي محبت ۾ پئجي ڪري ڏينهن رات بس مال ڪمائڻ ۽ جمع ڪرڻ ئي جي فڪر ۾ رهڻ، مال جي محبت جي سبب آخرت کي وساري ڇڏڻ، نيڪ عملن کان پري ٿي وڃڻ سراسر ناداني آهي. الله پاڪ اسان کي مال جي حِرص کان محفوظ فرمائي.

اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن   صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ

 

پياريون اسلامي ڀينرون! الحمدُ للّٰه! رجبُ المرجب جو بابرڪت مهينو اسان جي وچ ۾ جلوه گر آهي. جلد ئي شعبانُ المعظم جو مبارڪ مهينو به جلوه گر ٿي ويندو ۽ شعبانُ المعظم جي 2 تاريخ تي ڪروڙين حنفي مسلمانن جي عظيم پيشوا حضرت امام اعظم ابو حنيفہ نعمان بن ثابت رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ جو عرس شريف ملهايو ويندو آهي. اچو ته ان موقعي تي امام اعظم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهجي سِيرت جا ڪجهه پهلو ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون.

امامِ اعظم رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ جي سيرت