Jahannam Ki Wadi

Book Name:Jahannam Ki Wadi

جيڪڏهن جهنم کي سوئي جي سوراخ برابر کوليو     وڃي ته..!!

هڪ ڀيرو ملائڪن جو سردار جبرائيل عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم بارگاھ رسالت ۾ حاضر ٿيو، سندن رنگ بدليل هيو، رسول اڪرم، نور مجسم   صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ پڇيو: جبرائيل ڇا ڳالھ آهي؟ مان اوهان جو رنگ بدليل ڏسي رهيو آهيان”حضرت جبريل اَمين عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم عرض ڪيو: يارسول الله   صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ ! هن  وقت الله پاڪ جهنم کي دکائڻ جو حڪم ڏنو آهي. رسول خدا، احمد مجتبي   صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جبرائيل! مون کي جهنم جي باري ۾ ٻڌايو! جبرائيل عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم عرض ڪيو: يارسول الله   صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ ! الله پاڪ جهنم کي حڪم ڏنو ته ان جي باھ هڪ هزار سال تائين دکائي وئي، ايستائين جو اها اڇي ٿي وئي، پوءِ ان کي هڪ هزار سال تائين دکايو ويو، ايستائين جو باھ ڳاڙهي لال ٿي وئي، پوءِ ان کي هڪ هزار سال تائين ڀڙڪايو ويو، ايستائين جو اها بلڪل سياھ (نهايت ڪاري) ٿي وئي، هاڻي جهنم جي باھ ڪاري آهي، نه ان جي چڻنگ روشن ٿئي ٿي، نه ان جو ڀڙڪڻ ختم ٿئي ٿو، نه ئي ان جا شعلا وسامن ٿا، ان ذات جو قسم! جنهن اوهان کي سچو نبي بڻائي موڪليو، جيڪڏهن سوئي جي سوراخ برابر به جهنم کي کوليو وڃي ته تمام اهل زمين فنا ٿي وڃن، ان ذات جو قسم! جنهن اوهان کي حق سان موڪليو! جيڪڏهن جهنم جي زنجيرن جو هڪ حلقو دنيا جي جبلن تي رکيو وڃي ته اهو ذرا ذرا ٿي ڪري زمين ۾ دٻجي وڃي. [1]

 صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب!    صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

افسوس اسان جو ڇا ٿيندو...؟

 پياريون اسلامي ڀينرون! هن روايت مان اندازو لڳايو ته جهنم ڪيتري قدر


 

 



[1] موسوعہ ابن ابی الدنیا،صفۃ النار،جلد:6 ،صفحہ:432 ،حدیث:157 ملتقطًا۔