Book Name:Jahannam Ki Wadi
ٿئي ته ان تحريڪ کي هلائڻ وارن کي طعنو....!! مطلب، طعنو ڏيڻ اڄڪلھ هڪ فيشن بڻجي چڪو آهي، ماڻهو ڳالهين ڳالهين ۾ اهڙا اهڙا طعنا ڏيندا آهن جو سامهون واري جي دل ٽٽي پوندي آهي پر ان جو ڪو احساس به ناهي ڪيو ويندو.
طعنا ڏيڻ اسلامي شان جي خلاف آهي
پياريون اسلامي ڀينرون! ياد رکو! طعنو ڏيڻ يعني ٺٺول ڪرڻ هڪ سچي مسلمان جو ڪم ناهي. الله پاڪ جي
آخري نبي، رسول صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ
وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو:
لَيْسَ الْمُؤْمِنُ بِالطَّعَّانِ وَلَا
اللَّعَّانِ وَلَا الْفَاحِشِ وَلَا الْبَذِی يعني مؤمن طعنو ڏيڻ وارو، لعنت ڪرڻ وارو، بي حِيائي جون ڳالهيون ڪرڻ وارو ۽
بدڪلام ناهي. [1]
حڪيم الاُمت مفتي احمديارخان نعيمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه هن حديث شريف جي شرح ۾ لکن ٿا: يعني هي عيب سچي مسلمان ۾ ناهن هوندا، پنهنجا عيب نه ڏسڻ ٻين مسلمانن جا عيب ڳولهڻ، هر ڪنهن تي لعنت طعنا ڏيڻ اسلامي شان جي خلاف آهي.[2]
پياريون اسلامي ڀينرون! جيڪڏهن ڪو اسان کي طعنو ڏي ته ان جي جواب ۾ به طعنو ڏيڻ کان بچڻ ئي بهتر آهي. رسول اڪرم، نورمجسم صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جيڪڏهن ڪو شخص توهان کي توهان جي ڪنهن عيب جو طعنو ڏي ته توهان ان کي سندس عيب جو طعنو هرگز نه ڏيو ڇوته توهان کي ان جو ثواب ملندو ۽ طعنو ڏيڻ واري تي وبال ٿيندو.[3]
الله پاڪ اسان کي طعني ڏيڻ يعني ٺٺول ڪرڻ، منهن تي عيب ڪڍڻ ۽ ٻين