Book Name:Jahannam Ki Wadi
وَیْلٌ لِّكُلِّ هُمَزَةٍ لُّمَزَةِ ﹰۙ (۱) الَّذِیْ جَمَعَ مَالًا وَّ عَدَّدَهٗۙ(۲) (پارہ:30 ،الہمزہ:1- 2)
ترجموڪنزالعرفان: ان جي لاءِ خرابي آهي جيڪو منهن تي عيب ڪڍي، پرپٺ گلا ڪري. جنهن مال گڏ ڪيو ۽ ان ڳڻي ڳڻي رکيو.
هي 3 بُرا عمل آهن، جيڪي ويل نالي جهنمي وادي جو حقدار بڻائڻ وارا آهن: (1) منهن تي عيب ڪڍڻ (يعني طعنا ڏيڻ) (2) پرپٺ برائي(يعني غيبت ڪرڻ) (3) ۽ مال جمع ڪرڻ.
افسوس هي ٽئي برايون اڄڪلھ اسان وٽ عام ٿي ويون آهن.
قرآن ڪريم ۾ ايمان وارن کي فرمايو ويو:
وَ لَا تَلْمِزُوْۤا اَنْفُسَكُمْ وَ لَا تَنَابَزُوْا بِالْاَلْقَابِؕ (پارہ:26 ،الحجرات:11)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ پاڻ ۾ ڪنهن کي طعنو نه ڏيو ۽ هڪٻئي جا برا نالا نه رکو.
ڏسو! ڪيترو صاف لفظن ۾ اسان کي طعنو ڏيڻ کان منع ڪيو ويو آهي پر افسوس! اڄڪلھ اسان وٽ طعنا ڏيڻ، منهن تي عيب ڪڍڻ کي معمولي سمجهيو ويندو آهي. * ڪا غريب هجي ته ان کي غربت جو طعنو ڏنو ويندو آهي. * ڪنهن جو رنگ ڪارو هجي ته طعنو. * قد ننڍو هجي ته طعنو. * ڪا گهڻو ڊگهو هجي ته طعنو. * ڪا ٿلهي هجي ته طعنو. * ڪا ڪمزور هجي ته طعنو. * ڪنهن وٽ اولاد نه ٿي رهيو هجي ته طعنو. * ڪا ويچاري اڻ پڙهيل يا گهٽ لکيل پڙهيل هجي ته طعنو. * ڪنهن جو رشتو نه ٿي رهيو هجي ته طعنو. * ڪنهن شاگرد کان غلطي ٿي وڃي ته طعنو ڏيڻ ته استاد يا والدين توکي اهو ئي سيکاريو آهي؟.. * ڪنهن تنظيم يا تحريڪ سان لاڳاپيل ماڻهو کان غلطي