Book Name:Jahannam Ki Wadi
کي تڪليف پڄائڻ کان بچڻ جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد
پياريون اسلامي ڀينرون! غيبت ڪرڻ به جهنمي وادي ويل جو حقدار بڻائي ٿو. ڪنهن جي باري ۾ ان جي غير موجودگي ۾ اهڙي ڳالھ ڪرڻ جيڪڏهن اهو ٻڌي وٺي يا ان کي پهچي ته ان کي ناپسند لڳي ان کي غيبت چئبو آهي.[1]
پياريون اسلامي ڀينرون! غِيبت انتهائي نقصانده عمل آهي. قرآن پاڪ ۾ آهي:
یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوا اجْتَنِبُوْا كَثِیْرًا مِّنَ الظَّنِّ٘-اِنَّ بَعْضَ الظَّنِّ اِثْمٌ وَّ لَا تَجَسَّسُوْا وَ لَا یَغْتَبْ بَّعْضُكُمْ بَعْضًاؕ-اَیُحِبُّ اَحَدُكُمْ اَنْ یَّاْكُلَ لَحْمَ اَخِیْهِ مَیْتًا فَكَرِهْتُمُوْهُؕ-وَ اتَّقُوا اللّٰهَؕ-اِنَّ اللّٰهَ تَوَّابٌ رَّحِیْمٌ(۱۲) (پارہ:26 ،الحجرات:12)
ترجموڪنزالعرفان: اي ايمان وارؤ! گهڻي گمان کان بچو! بيشڪ ڪو گمان گناھ ٿي ويندو آهي ۽ (لڪيل ڳالهين جي) جاسوسي نه ڪيو ۽ هڪٻئي جي گلا نه ڪيو ڇا توهان مان ڪو پسند ڪندو ته پنهنجي مئل ڀاءُ جو گوشت کائي ته اهو توهان کي نه وڻندو ۽ الله کان ڊڄو بيشڪ الله نهايت توبه قبول ڪرڻ وارو مهربان آهي.
شيخ طريقت امير اهل سنت حضرت علامه مولانا محمد الياس عطار قادري