Book Name:Jahannam Ki Wadi
کان سکي رهيا آهيون، وغيره جو بلڪل فڪر نه ڪرڻ. * علم دين کان پري ڀڄڻ. *غيرمسلمن جي نقل ڪرڻ. * انهن جو لٽريچر پڙهڻ. * غير مستند ماڻهن ۽ غير مستند طريقن (مثلاً سوشل ميڊيا، انٽرنيٽ، يوٽيوب، فيس بڪ وغيره) جي ذريعي دين سکڻ جي ڪوشش ڪرڻ وغيره ايمان جي کسجي وڃڻ جا سبب آهن پر افسوس! اڄڪلھ اڪثريت انهن ڪمن ۾ مبتلا نظر اچي ٿي.
پياريون اسلامي ڀينرون! الله پاڪ اسان کي ايمان جي دولت عطا فرمائي آهي ته اسان کي هن جي قدر ڪرڻي آهي، ان جي حفاظت ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي، انهي ڪري اسان کي گهرجي ته الله پاڪ جي خفيه تدبير کان هر دم ڊڄنديون رهون ۽ هر گهڙي ايمان جي سلامتي جو فڪر ڪنديون رهون.
خفيه تدبير کان بي خوفي سخت نقصانده آهي
قرآنِ مجيد ۾ آهي:
فَلَا یَاْمَنُ مَكْرَ اللّٰهِ اِلَّا الْقَوْمُ الْخٰسِرُوْنَ۠(۹۹) (پارہ:9، الاعراف:99)
ترجموڪنزالعرفان: پوءِ الله جي خفيه تدبير کان صرف تباھ ٿيڻ وارا ماڻهو بي خوف ٿيندا آهن.
عالم سڳورا فرمائن ٿا: الله پاڪ جي خفيه تدبير کان بلڪل بي خوف ٿيڻ گناھِ ڪبيره آهي.[1]
حضرت سفيان ثوري رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ اسلام جا مفتي، تمام وڏا عالم، عبادت ۾ ڪثرت ڪرڻ وارا ۽ تقويٰ ۽ خوف خدا وارا هئا، سندن جي باري ۾ اچي ٿو ته سندن چيلھ جواني ئي ۾ چٻي ٿي وئي هئي ماڻهن ڪيئي ڀيرا ان جو سبب ڄاڻڻ جي