Jahannam Ki Wadi

Book Name:Jahannam Ki Wadi

بُرو اثر هي آهي ته ان جي محبت انسان کي غافل ڪري ڇڏيندي آهي، مال جي محبّت جي ڪارڻ انسان آخرت کي وساري ڇڏيندو آهي، دُنيا ۽ ان جي محبت دل ۾ گھر ڪري ويندي آهي ۽ دنيا جي محبّت ئي اها شيءِ آهي جيڪا انسان کي گناهن ۽ بُرائين جي اونهي کڏي ۾ ڌڪي ڇڏيندي آهي. انهي ڪري اسان جي آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفيٰ   صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ  فرمايو؛ لَا تَتَّخِذُوا الضَّیْعَةَ  فَتَرْغَبُوا فِي الدُّنْیَا يعني (اي انسانو...!!) جائيداد  (Property)نه بڻايو! نه ته دنيا جا ٿي ڪري رهجي ويندؤ.[1]

مال کي اڳتي موڪلي ڇڏيو

 حديثِ پاڪ ۾ آهي؛ هڪ ڀيري هڪ شخص بارگاھ رسالت ۾ حاضر ٿيو، عرض ڪيائين: يَا رسول الله    صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ ! مون کي ڇا ٿي ويو آهي جو مان موت کي پسند نٿو ڪيان (يعني منهنجي دل دُنيا ڏانهن مائل آهي، مان پنهنجي دل ۾ آخرت ڏانهن لاڙو گھٽ ٿو ڏسان ۽ موت جيڪو جنّت تائين پهچائڻ جو رستو آهي، مون کي اهو موت پسند ناهي) سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار   صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ  فرمايو: ڇا تو وٽ مال آهي؟ عرض ڪيائين هائو! يارسول الله    صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ ! فرمايائون: پنهنجو مال (آخرت جي لاءِ صدقو ۽ خيرات ڪري) اڳتي موڪلي ڇڏ! ڇو ته انسان جي دل پنهنجي مال سان هوندي آهي، جيڪڏهن هي پنهنجي مال کي اڳتي موڪلي ڇڏي (يعني صدقو ۽ خيرات ڪري ڇڏي) ته ان سان ملڻ چاهيندو آهي ۽ جيڪڏهن مال کي پوئتي ڇڏي ڏي ته ان سان پوئتي رهڻ چاهيندو آهي.[2]

ہمارے دل سے نکل جائے الفتِ دنیا                   دے دل میں عشقِ مُحَمَّد مرے رچا یاربّ! ([3])


 

 



[1] ترمذی، کتاب الزہد، صفحہ:557، حدیث:2328۔

[2] الزہد لابن المبارک، جز:5، صفحہ:224، حدیث:634

[3]...وسائل بخشش، صفحہ:82۔