Jahannam Ki Wadi

Book Name:Jahannam Ki Wadi

پٿرن کي به ساڙي ڇڏيندي. ([1]) پوءِ گڏ ئي آيتِ ڪريمه ۾ صاف صاف حڪم ڏنو ويو ته اي انسانو! جهنم کان ڊڄو! جهنم ۾ وٺي ويندڙ عملن کان بچڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪيو!

جهنم جو  مختصر   تعارف

بهارِ شريعت ۾ آهي: * جهنم اها جاءِ آهي جتي الله پاڪ جي قهر و غضب جو ظهور آهي. * جهنم جون چڻنگون اوچي اوچي محلن جي برابر اڏامنديون.[2] انسان ۽ پٿر ان جو ٻارڻ آهن[3] * هي جيڪا دنيا جي باھ آهي، جنهم جي باھ جي 70 حصن مان هڪ حصو آهي.[4] * جنهن کي جهنم ۾گهٽ درجي جو عذاب ٿيندو ان کي باھ جون جوتيون پارايون وينديون، جنهن سان انهن جو دماغ ايئن ٽهڪندو جيئن ٽامي جي ديڳڙي ٽهڪندي آهي، هو سمجهندو ته سڀني کان گهڻو عذاب انهي کي ٿي رهيو آهي، حالانڪ ان تي سڀني کان هلڪو عذاب ٿيندو.[5]

*حديث شريف ۾ آهي: هي دنيا جي باھ (جنهن جي گرمي ۽ تپش کي ڪير  نٿو ڄاڻي، هي باھ) به ربّ پاڪ کان دعا گھرندي آهي ته  ان کي جهنم جي باھ ۾ نه موٽايو وڃي. [6]

تعجب آهي انسان تي جيڪو جهنم ۾ وڃڻ وارا ڪم ڪري ٿو ۽ ان باھ کان نٿو ڊڄي جنهن سان باھ به ڊڄندي ۽ پناھ گهرندي آهي. [7]


 

 



[1] تفسیرِ نعیمی،پارہ:1 ،البقرہ،زیرِ آیت:24 ،جلد:1 ،صفحہ:225 بتغیر قلیل۔

[2] پارہ:29 ،المرسلات:32۔

[3] پارہ:1 ،البقرہ:24۔

[4] مسلم،کتاب الجنۃ و صفۃ نعیمہا و اہلہا،باب فی شدۃ حر نار جہنم…الخ،صفحہ:1092،حدیث:2843ملتقطًا۔

[5]  مسلم،کتاب الایمان،باب اہون اہل النار عذابا،صفحہ:102،حدیث:213۔

[6] ابنِ ماجہ،کتاب الزہد ،باب صفۃ النار،صفحہ:700 ،حدیث:4318۔

[7]   بہارِ شریعت،جلد:1 ،صفحہ:163 تا 165 ،حصہ:1 بتغیر قلیل۔