Book Name:Jahannam Ki Wadi
ڪوشش ڪئي، پر پاڻ رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ ڪو جواب نه ڏنو، سندن هڪ شاگرد (Student) ڪافي عرصي تائين ڪنهن موقعي جي تلاش ۾ رهيو ته کائنس ان جو سبب دريافت ڪري سگھي، آخر هڪ ڏينهن ان موقعو ڏسي کائنس ان جي باري ۾ پڇي ئي ورتو، پاڻ رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ پهريان ته ڪو جواب نه ڏنو پر پوءِ ان جي زور ڀرڻ تي فرمايائون، منهنجو هڪ استاد جن جو شمار وڏن عالمن ۾ ٿيندو هو ۽ مون ان کان ڪيئي علوم وفنون سکيا هئا، جڏهن ان جي وفات جو وقت ويجھو آيو ته مون کي فرمائڻ لڳا، اي سفيان! ڇا توکي خبر آهي ته مون سان ڪهڙو معاملو پيش آيو؟ مان پنجاھ سال تائين ربّ جي مخلوق کي ربِ ڪريم جي اطاعت ڪرڻ ۽ گناهن کان بچڻ جي تلقين ڪندو رهيس، پر افسوس! اڄ جڏهن منهنجي زندگي جو ڏيئو وسامڻ جي ويجھو آهي جيڪڏهن الله ڪريم مون کي پنهنجي بارگاھ مان هي فرمائي ڪڍي ڇڏيو ته تون منهنجي بارگاھ ۾ اچڻ جي اهليت نٿو رکين، پنهنجي استاد جي اها ڳالھ ٻڌي خوف سبب منهنجي چيلھ ٽٽي پئي، جنهن جي ٽٽڻ جو آواز اتي موجود ماڻهن به ٻڌو ۽ مان پنهنجي رَبِّ ڪريم جي خوف مان لڙڪ وهائيندو رهيس ۽ نوبت ايستائين پهتي جو مان بيمار ٿي پيس.[1]
الله پاڪ اسان کي ايمان جي حفاظت ڪرڻ، ايمان جي سلامتي جي لاءِ ڪوشش ڪرڻ ۽ ڪفر جي طرف موٽڻ کان هميشه ڊڄندو رهڻ جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
پياريون اسلامي ڀينرون! جهنم جي هولناڪ وادي ويل جو حقدار بڻائڻ وارو ٻيو برو عمل آهي: ماپ تور ۾ گهٽتائي ڪرڻ. الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو: