Jahannam Ki Wadi

Book Name:Jahannam Ki Wadi

پڙهي وٺڻ وغيره.

افسوس! نماز کان غفلت جون ڪيئي صورتون هاڻي اسان جي معاشري ۾ تمام گهڻيون نظر اچن ٿيون، ڪيئي اهڙيون آهن جيڪي نمازن جي پابندي ناهن ڪنديون، نمازون قضا ڪنديون آهن، نماز جي فرضن ۽ واجبن جي درست ادائيگي ته پري جي ڳالھ، مسلمانن جو هڪ تعداد اهڙو آهي جن کي نماز جي فرضن ۽ واجبن جي پوري معلومات به ناهي هوندي، ڪيتريون ئي اهڙيون آهن جيڪي نماز جي بلڪل پرواھ ئي ناهن ڪنديون، ڪڏهن دل چوي ته نماز پڙهي ورتي، ڪڏهن نه پڙهي.

نماز  کان غفلت جو  وبال

 ياد رکو! نماز دين جو اهم ترين رُڪن آهي، الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

فَخَلَفَ مِنْۢ بَعْدِهِمْ خَلْفٌ اَضَاعُوا الصَّلٰوةَ وَ اتَّبَعُوا الشَّهَوٰتِ فَسَوْفَ یَلْقَوْنَ غَیًّاۙ(۵۹) (سيپارو: 16، سورة مريم: 59)      

ترجمو ڪنزالعرفان: پوءِ انهن جي پٺيان انهن جي جاءِ تي اهي نالائق ماڻهو آيا جن نمازون ضايع ڪيون ۽ پنهنجي خواهشن جي پٺيان لڳا سو عنقريب اهي جهنّم جي خوفناڪ واديءِ غَي سان ملندا.

  هن آيتِ ڪريمه ۾ غَيّ جو تذڪرو آهي، حضرت علّامه مولانا مفتي محمد امجد علي اعظمي رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ فرمائن ٿا: غَيّ جهنّم ۾ هڪ وادي آهي جنهن جي گرمي ۽ گهرائي سڀ کان وڏي آهي، ان ۾ هڪ کوھ آهي جنهن جو نالو هَب هَب آهي، جڏهن جهنّم جي باھ وسامڻ واري هوندي آهي الله پاڪ ان کوھ کي کولي ڇڏيندو آهي جنهن سان اها بدستور (يعني پهريان جيان) ڀڙڪڻ لڳندي آهي.[1]

 پياريون اسلامي ڀينرون! خوفِ خُدا ۾ ڏڪي وڃو! گهٻرائي ڪري جلدي پنهنجي


 

 



[1] بہارِ شریعت ،جلد:1 ،صفحہ:434،حصہ:3۔