Jahannam Ki Wadi

Book Name:Jahannam Ki Wadi

دَامَت بَرَکاتُہُمُ الْعَالِیَہغيبت جي تباھ ڪارين جو خلاصو ڪندي لکن ٿا: * غيبت ايمان کي ڪَپي ڇڏيندي  آهي. * غيبت بُري خاتمي جو سبب آهي * ڪثرت سان غيبت ڪرڻ واري جي دعا قبول ناهي ٿيندي * غيبت جي ڪري نماز روزي جي نورانيَّت ختم ٿي ويندي آهي. * غيبت سان نيڪيون برباد ٿينديون آهن * غيبت نيڪيون ساڙي ڇڏيندي آهي * غيبت ڪرڻ وارو توبهه ڪري به ڇڏي تڏهن به سڀني کان آخر ۾ جنّت ۾ داخل ٿيندو. مطلب ته غيبت گناههِ ڪبيره، قَطعِي حَرام ۽ جَهنّم  ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي  * غيبت زنا کان سخت تر آهي * مسلمان جي غيبت ڪرڻ وارو وِياج کان به وڏي گناهه ۾گرفتار آهي * غيبت کي جيڪڏهن سمنڊ ۾ وِڌو وڃي ته سمورو سمنڊ بدبودار ٿي وڃي * غيبت ڪرڻ واري کي جَهنّم ۾ ڍُونڍ کائڻو پوندو * غيبت مُئَل ڀاءَ جي گوشت کائڻ برابر آهي * غيبت ڪرڻ وارو قبر جي عذاب ۾ گرفتار ٿيندو * غيبت ڪرڻ وارو ٽامي جي نَنهن سان پنهنجي چهري ۽سيني کي هر هر رهڙي رهيو هو * غيبـت ڪرڻ واري کي اُن جي پاسن کان گوشت ڪَٽي ڪَٽي کارايو پـيو وڃي * غيبت ڪرڻ وارو قيـامت ۾ ڪُـتي جـي شڪل ۾ اٿندو * غيبت ڪرڻ وارو جهنّم جو بـَاندَر هوندو * غيبت ڪرڻ واري کي دوزخ ۾ پنهنجو ئي گوشت کائڻو پوندو * غيبت ڪرڻ وارو ٽهڪندڙ پاڻي ۽ باهه جي وچ ۾ موت گهرندي پيو ڀڄندو ۽ ان کان جهنّمي به بيزار هوندا * غيبت ڪرڻ وارو سڀني کان اڳ ۾ جهنّم ۾ ويندو.[1]  الله پاڪ جي پناھ ...!!!

 پياريون اسلامي ڀينرون! الله پاڪ اسان کي غيبت، چغلي، ڪوڙ ۽ وعده خلافي وغيره گناھن کان بچڻ ۽ نيڪ ڪم ڪري جنت جو حَقدار بڻجڻ جي توفيق عطا فرمائي. 


 

 



[1] غیبت کی تباہ کاریاں ،صفحہ:26 ملتقطًا۔