Book Name:Ghazwa e Badar Aur Seekhne Ki Baatein
ٻه حڪم مان عرض ڪيان ٿو. ايئن سمجهو ته * غزوهءِ بدر ۾ ظاهري اسباب غير مسلمن وٽ وڌيڪ هئا * تعداد به انهن جو وڌيڪ هو * هٿيار به انهن وٽ وڌيڪ هئا * کاڌي پيتي جو سامان به انهن وٽ وڌيڪ هو، ان جي باوجود به غزوهءِ بدر ۾ غير مسلمن کي شڪست ٿي ۽ مسلمانن کي عظيم الشان فتح نصيب ٿي ان جو ڪارڻ ڇا هو...؟ ان جاءِ تي ان جي غيبي سببن کي بيان فرمايو ويو آهي ۽ اسان کي حڪم ڏنو ويو آهي ته: اي مسلمانو! هنن حڪمن جا پابند بڻجي وڃو، جهڙي طرح بدر جي ميدان ۾ 313 کي 1000 تي فتح عطا ڪئي وئي، اهڙي طرح توهان کي به دنيا ۽ آخرت جي هر ميدان ۾ ڪاميابي عطا ڪئي ويندي. اهي 2 حڪم ڪهڙا آهن؟ ٻڌو!
(1) الله ۽ رسول جي فرمانبرداري
پهريون حڪم هي ته الله پاڪ فرمايو:
وَ اَطِیْعُوا اللّٰهَ وَ رَسُوْلَهٗ (پارہ:10، سورۂ انفال:46)
ترجمو ڪنزالعرفان: الله ۽ ان جي رسول جي اطاعت ڪيو
يعني اي مسلمانو...!! هر وقت، هر حال ۽ هر ميدان ۾ الله ۽ سندس رسول جي فرمانبردار رهو...!! الله ۽ رسول جي حڪم کي مڃڻ وارا، هن تي عمل ڪرڻ وارا بڻجي وڃو. ان جو نتيجو ڪهڙو نڪرندو؟ جيئن بدر وارن کي فتح عطا ڪئي وئي هئي، ايئن توهان کي به هر ميدان ۾ ڪاميابي نصيب ڪئي ويندي.
معلوم ٿيو، مسلمان جي ڪاميابي لاءِ سڀ کان بنيادي شيءِ اطاعت آهي، جيڪو الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪندو آهي، ان کي هر ميدان ۾ ڪاميابي عطا ڪئي ويندي آهي، جيڪو الله ۽ رسول جي نافرمان هجي، ان کي دنيا ۾ به رسوائي کي مُنهُن ڏيڻو پوندو آهي ۽ آخرت ۾ به نقصان کڻندو آهي.