Ghazwa e Badar Aur Seekhne Ki Baatein

Book Name:Ghazwa e Badar Aur Seekhne Ki Baatein

ڦرندي ڪثرت سان أَعُوذُ بِاللّٰهِ مِنَ الشَّيْطٰنِ الرَّجِيْمِ پڙهندا رهون۔ ان جي برڪت سان اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! اسان شيطاني چالن کان محفوظ رهنداسين. حديث پاڪ ۾ آهي: جيڪو شخص ڏينهن ۾ 10 ڀيرا أَعُوذُ بِاللّٰهِ مِنَ الشَّيْطٰنِ الرَّجِيْمِ پڙهندو ته الله پاڪ هڪ فرشتو مقرر ڪري ڇڏيندو آهي جيڪو شيطان کي ان شخص کان ائين پري ڀڄائيندو آهي جيئن عرب جا ماڻهو اُٺَ کي پاڻي جي تلاءَ کان پري ڀڄائيندا آهن. ([1])

تَعَوُّذ جي برڪت

حضرت ابو سعيد خُدري رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمائن ٿا ته مون هڪ جاءِ تي شيطان کي جهڪيل ڏٺو ته مون ان تي لٺ سان وارَ ڪرڻ جو ارادو ڪيو، شيطان مون کي چيو: اي ابو سعيد! ڇا توهان نه ٿا ڄاڻو ته مون کي لٺ ۽ دنياوي هٿيارن جو ڪو خوف ناهي؟ مون پڇيو: اي ملعون! توکي ڪهڙي شيءِ خوف ۾ مبتلا ڪندي آهي؟ شيطان جواب ڏنو: مون کي (هن دنيا ۾ صرف) 2 شيون خوفزده ڪنديون آهن:  (1) تعوّذ پڙهڻ وارن جو تعوّذ يعني أَعُوذُ بِاللّٰهِ مِنَ الشَّيْطٰنِ الرَّجِيْمِ پڙهڻ (2) صديقن جي معرفت جي روشني. ([2])

سُبْحٰنَ اللہ!    معلوم ٿيو ته اَعُوْذُ باللہ  پڙهڻ سان شيطان ڊڄندو آهي، الله پاڪ اسان کي هن بدبخت کي ڊيڄاريندو رهڻ ۽ سندس فريب کان بچڻ جي توفيق عطا فرمائي.

 اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم 

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

اجتماعي اعتڪاف جي ترغيب

پيارا اسلامي ڀائرو! شيطاني چالن کان پاڻ کي بچائڻ ۽ نيڪين سان ڀرپور زندگي گذارڻ لاءِ دعوتِ اسلامي سان وابسته ٿي وڃو۔ رمضان المبارڪ جو بَرڪتن


 

 



[1]...سلوۃ العارفین، باب فضیلۃ التعوذ، جلد:1، صفحہ:124۔

[2]... سلوۃ العارفین، باب فضیلۃ التعوذ، جلد:1، صفحہ:124۔