Ghazwa e Badar Aur Seekhne Ki Baatein

Book Name:Ghazwa e Badar Aur Seekhne Ki Baatein

ماڻهن کان گُهرڻ جا نقصان

هڪ تمام عبرتناڪ واقعو آهي،  حضرت بہلول دانا رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جيڪي مجذوب (يعني اللّٰه جي عشق ۾ مست ۽ محو) هئا، هڪ ڏينهن خليفي هارون الرشيد کين چيو: مان چاهيان  ٿو ته توهان جي لاءِ روزاني جو ڪجهه خرچ مقرر ڪري ڇڏيان ته جيئن توهان بي فڪر ٿي الله پاڪ جي عبادت ۾ لڳي وڃو. حضرت بہلول دانا رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمايو: مان اهو منظور ڪري وٺان ها پر ان ۾ ڪجهه عيب آهن: (1)  پهريون عيب هي آهي ته تون نه ٿو ڄاڻين ته مون کي ڇا گهرجي؟ (2)  ٻيو عيب هي آهي ته تون نه ٿو ڄاڻين ته مون کي ڪڏهن گهرجي؟ (3)  ٽيون عيب هي آهي ته تون نه ٿو ڄاڻين ته مون کي ڪيترو گهرجي؟ الله پاڪ اهو سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو ۽ هُو پنهنجي حڪمتِ ڪامله سان مون تائين منهنجو رزق پهچائيندو آهي، هتي هڪ ٻيو به مسئلو آهي ٿي سگهي ٿو ته تون مون کان ناراض ٿي وڃين ته پوءِ تون منهنجو خرچ بند ڪري ڇڏين پر منهنجو رب ڪريم اهڙو ڪرم وارو آهي جو لکين گناهه هجڻ باوجود به رزق بند ناهي ڪندو ، تنهنڪري مان توکان ڪو به خرچ قبول نه ڪندس مان ته صرف الله پاڪ کان ئي طلب ڪندو رهندس.[1]

Bottom of Form

سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو!  واقعي ڳالهه سچي آهي، ٻانهو جيڪو پاڻ محتاج آهي، اُن کان ڪهڙو گهرڻ...؟ الله پاڪ کان گهرو!  اهو ئي عطا ڪرڻ وارو آهي. لهٰذا اسان کي دعائون گهرڻ جي عادت اپنائڻ گهرجي. هاڻي جيئن ته رمضان شريف جو مبارڪ مهينو جاري آهي، دعائن جي قبوليت جو مهينو آهي * سحريءَ جي وقت دعائون گهرو! * افطار جي وقت دعائون گهرو! * تراويح کانپوءِ دعائون گهرون ! * تهجد پڙهي دعائون گهرو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْمجھوليون ڀرجي وينديون. اچو! ترغيب جي لاءِ اوهان کي دعا جي فضيلت بابت ڪجهه حديثون ٻڌايان ٿو.


 

 



[1] سبع سنابل، صفحہ:211۔