Book Name:Ghazwa e Badar Aur Seekhne Ki Baatein
ڀريو مهينو جاري آهي، اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! دعوتِ اسلامي جي تحت سڄي دنيا ۾ هزارين جاين تي آخري ڏهه ڏينهن جو اجتماعي سنت اعتڪاف به ڪرايو ويندو آهي، ٿي سگهي ته اوهان به اجتماعي اعتڪاف جي نيت ڪري ڇڏيو! پيارا آقا، مڪّي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّمَ کي اعتڪاف سان وڏي محبت هئي، ايستائين جو پاڻ دنيا مان رحلت فرمائڻ تائين هر سال رمضان شريف جي آخري ڏهن ڏينهن جو اعتڪاف فرمائيندا هئا.[1] آخري عشري جي اعتڪاف جي فضيلت بيان ڪندي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّمَ ارشاد فرمايو: جنهن رمضان شريف ۾ 10 ڏينهن جو اعتڪاف ڪيو، اهو ايئن آهي جيئن 2 حج ۽ ٻن عمرا ڪيا.[2] اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! رمضان المبارڪ ۾ گناهن کان بچڻ، نيڪيون ڪرڻ، نفلي عبادتن جو شوق وڌڻ سان گڏوگڏ تمام گهڻو علمِ دين سکڻ جو موقعو به ملندو.
هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو هي آهي: هڪ دفعي هڪ عاشقِ رسول اسلامي ڀاءَ مون کي اجتماعي اعتڪاف ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، مون انهن جي دعوت تي دعوتِ اسلامي جي رمضان شريف ۾ ٿيندڙ اجتماعي اعتڪاف ۾ شرڪت جو شرف حاصل ڪيو۔ دورانِ اعتڪاف مبلغين اسلامي ڀائرن جا سنتن ڀريا بيان، پُرسوز مناجات ۽ رقّت انگيز دعائن سان منهنجي دل جي دنيا بدلجي وئي۔ مون پنهنجي گناهن کان توبه ڪندي دعوتِ اسلامي جي پاڪيزه ديني ماحول سان وابسته ٿي ويس۔ ان جي برڪت سان منهنجي ڪردار ۽ گفتار ۾ مثبت تبديليون اچڻ لڳيون، مون عمامي شريف جو تاج به سجايو، سنت موجب ڏاڙهي شريف به رکي ۽ اَلحمدُ الله پنج وقت نماز جو پابند به بڻجي ويس۔