Ghazwa e Badar Aur Seekhne Ki Baatein

Book Name:Ghazwa e Badar Aur Seekhne Ki Baatein

بيان ٻڌڻ جون نيتون

حديث پاڪ  ۾ آهي:  اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیَّات  عملن جو دارومدار نيتن تي آهي. ([1])

 اي عاشقانِ رسول!  سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي اچو ته بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجهه سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا. نيت ڪيو ته ! * الله جي رضا جي لاءِ بيان ٻڌندس * بااَدَب ويهندس * خوب توجهه سان بيان ٻڌندس * جيڪو ٻڌندس ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس. 

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! 17 رمضان شريف جو ڏينهن، جيڪو اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! اچڻ ئي وارو آهي، هي اسلامي تاريخ جو نهايت ئي اهم ڏينهن آهي* انهيءَ ئي ڏينهن مسلمانن جي پيارِي اَمي جان،, حبيبه حبيبِ خدا، صِديقہ بنتِ صِديق، حضرت عائشہ صِديقہ طيبہ طاهرہ رَضِیَ اللهُ عَنْہا جو يومِ وصال آهي [2]* انهيءَ ئي ڏينهن اسلامي تاريخ جي حق ۽ باطل جو پهريون واقعو يعني غزوه بدر پيش آيو،[3] حيرت جي ڳالهه اها آهي ته هن غزوي ۾ مسلمان جو تعداد صرف 313 هو، جڏهن ته غير مسلمن جو تعداد 1000 هو، يعني غير مسلم ٽِيڻا (3 ڀيرا وڌيڪ) هئا، انهن وٽ جنگي ساز و سامان ۽ هٿيار به وڌيڪ هئا، ٻئي طرف مسلمانن جو تعداد به گهٽ هو ۽ انهن وٽ تير، تلوارون وغيره به تمام ٿوري مقدار ۾ هيون، ان جي باوجود الله پاڪ هن غزوي ۾ مسلمانن کي عظيم الشان فتح عطا ڪئي ۽ غير مسلمن کي  انتهائي عبرتناڪ شڪست سان مُنهن ڏيڻو پيو * ان کان علاوه


 

 



[1]... بخاری، کِتَاب بَدءُ الْوَحی، صفحہ:65، حدیث:1۔

[2] شرح الزرقانى على المواہب، المقصد الثانى، الفصل الثالث، عائشہ ام المؤمنین،جلد:4، صفحہ:392۔

[3] بذل القوۃ، القسم الثانی...الخ، الباب الاول...الخ، الفصل الاول...الخ، صفحہ:309۔