Book Name:Ghazwa e Badar Aur Seekhne Ki Baatein
ويندي آهي * شادي وهانءُ وغيره خوشيءَ جو موقعو هجي ته جيڪو دل ۾ اچي، اهو ئي انتظام ڪيو ويندو آهي، ڳائڻ وڄائڻ حرام آهي، ان جي پرواهه نه ڪئي ويندي آهي، دُهل دمامن جي شرعاً اجازت ناهي، ان جي به پرواهه ناهي ڪئي ويندي، بس ڇوته اسان چاهيندا آهيون ته خوشيءَ جو موقعو آهي گانا باجا هجن، تنهنڪري ماڻهو ڪندا آهن * ماڻهو ڪپڙا خريد ڪندا آهن، سبرائيندا آهن، کائيندا پيئندا آهن، هزارين قسم جا معاملا ڪندا آهن، انهن ۾ به صرف پنهنجي مزاج کي ڏسندا آهن، منهنجي پسند ڪهڙي آهي؟ مون کي ڪهڙي شيءِ سٺي لڳندي آهي؟ اهو ڏٺو ويندو آهي، الله ۽ رسول جي رضا ڇا ۾ آهي؟ گنبذِ خضريٰ واري محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سنت ڇا آهي؟ انهن ڳالهين جو تمام گهٽ ماڻهو خيال ڪندا آهن، بس پنهنجي مزاج تي هلندا آهن. ڪاش! اسان جي اها عادت بڻجي وڃي ته اسان هر حال ۾ شريعت کي پنهنجو پيشوا بڻائڻ وارا بڻجي وڃون.
صحابيءِ رسول حضرت ابوهريره رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کان روايت آهي ته رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: منهنجي سڄي اُمت جنت ۾ داخل ٿيندي سواءِ ان جي جنهن انڪار ڪيو. عرض ڪيو ويو: اهو انڪاري ڪير آهي؟ فرمايائون: جنهن منهنجي اطاعت ڪئي، اهو جنت ۾ داخل ٿيو ۽ جنهن منهنجي نافرماني ڪئي اهو انڪار ڪرڻ وارو آهي.[1]
الله پاڪ اسان کي توفيق عطا فرمائي. ڪاش! اسان پنهنجي هر معاملي ۾ شريعت جي پابندي ڪرڻ وارا بڻجي وڃون. اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
(2): شيطان جي چالن کان بچو....!!