Book Name:Ghazwa e Badar Aur Seekhne Ki Baatein
19 رمضان شريف تي پيارِي آقا صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم جي پيارِي شهزادي صاحبه حضرت رُقيہ رَضِیَ اللهُ عَنْہا جو يومِ وصال به آهي.
اسان کي گهرجي ته انهيءَ ڏينهن تي مسلمانن جي پيارِي اَمِي جان حضرت عائشه صدِيقہ ۽ شهزاديءِ مصطفى حضرت رُقيہ رَضِیَ اللهُ عَنْہما جي ياد ملهايون، انهن ٻنهي بزرگ هستين ۽ جيڪي صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان غزوه بدر ۾ شهيد ٿيا انهن سڀني جي ايصالِ ثواب جو اهتمام ڪيون، بهترين طريقو هي آهي ته 17 ۽ 19 رمضان شريف جي افطار ۾ معمول کان ڪجهه وڌيڪ اهتمام ڪيون، سڀئي گهر وارا گڏجي ويهن، سڀئي هڪ هڪ ڀيرو سورة فاتحه ۽ ٽي ٽي ڀيرا سورت اخلاص پڙهن، چاهيو ته ان کان وڌيڪ به تلاوت ڪري سگهو ٿا، بلڪه ٿي ممڪن هجي ته سڀئي گهٽ ۾ گهٽ هڪ هڪ تسبيح درود پاڪ جي به پڙهو، ڪجهه ذڪر اذڪار به ڪيون، مڪتبة المدينه جا شايع ٿيل ڪتاب فيضانِ عائشہ صِدِّيقہ رَضِيَ اللهُ عنہا ۽ آقا صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم جا شهزادا ۽ شهزاديون. هي ٻئي ڪتاب مڪتبة المدينه تان خريد ڪري يا دعوتِ اسلامي جي ويب سائيٽ www.dawateislami.net تان ڊائون لوڊ ڪري، انهن کي پڙهو، گهر وارن کي گڏ ڪري انهن مان ڪجهه پڙهي سڀني کي ٻڌائن ۽ هن سڄي اهتمام، سڀني نيڪ عملن جو ثواب حضرت عائشہ صِدِّيقہ ۽ حضرت بيبي رُقيہ رَضِیَ اللهُ عَنْہُما ۽ شهداءِ بدر کي ايصالِ ثواب ڪيو اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! تمام گهڻو ثواب حاصل ٿيندو۔ الله پاڪ اسان کي انهيءَ جي توفيق عطا فرمائي.
آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم.
غزوهءِ بدر ۽ سکڻ واريون ڳالهيون
پيارا اسلامي ڀائرو! 17 رمضان شريف تي ٿيندڙ عظيمُ الشَّان جنگ يعني غزوه بدر، چوڻ لاءِ ته تاريخ جو هڪ واقعو آهي، البته! ان ۾ اسان جي سکڻ لاءِ ڪيترائي