Book Name:Ghazwa e Badar Aur Seekhne Ki Baatein
اڄڪلهه ماڻهن جي اڳيان هٿ ٽنگڻ جو رواج به وڌندو پيو وڃي، ناحق سوال ڪندا آهن، شريعت انهن کي گهرڻ جي اجازت نه ڏيندي آهي پر پوءِ به اُهي سوال ڪندا آهن. هي به عام ڏسڻ ۾ ايندو آهي ته چڱا ڀلا صحتمند جوان آهن، ڪمائي سگهن ٿا، محنت مزدوري ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي ٻارن جو پيٽ پالي سگهن ٿا پر بس مفت خوري جي عادت پئجي وئي آهي، مسجد ۾ ايندا، الله پاڪ جي حضور سجدو ڪندا...!! جيئن ئي سلام ڦيريو، اٿي بيهي روئڻ شروع ڪندا ۽ ماڻهن کان گهرڻ لڳندا آهن. اڙي الله پاڪ جا ٻانهؤ...!! جنهن جي حضور سجدو ڪيو، پيشاني زمين تي رکي سُبْحٰنَ رَبِّيَ الْاَعْلٰي چيو، ان جو مطلب ڄاڻو ٿا ڇا آهي؟ پاڪ آهي، مون کي پالڻ وارو بلند و بالا رب. اهو جنهن کي اسان پاڪ چئي رهيا آهيون، بلند و بالا مڃي رهيا آهيون، ان کي پالڻ وارو مڃي، پيشاني زمين تي رکي رهيا آهيون، ته پوءِ ڀلا انهيءَ کان ئي گهرون...!! ان جي بارگاهه ۾ سوال ڪيون!
الله پاڪ فرمائي ٿو:
ادْعُوْنِیْۤ اَسْتَجِبْ لَكُمْؕ- (پارہ:24، سورۂ مؤمن:60)
ترجموڪنزالعرفان: مون کان دعا ڪيو مان توهان جي دعا قبول ڪندس.
سُبْحٰنَ اللہ! ڪهڙي نه زبردست بشارت آهي! الله پاڪ فرمائي رهيو آهي: اي منهنجا ٻانهو...!! مون کان دعا گهرو...!! مان قبول ڪندس. هاڻي هن فرمانِ عاليشان کان پوءِ به جيڪڏهن اسان ماڻهن جي اڳيان ناحق هٿ ڦهلايون، ته ٻڌايو اسان بندگيءَ جو لحاظ ڪهڙو ڪيو...؟ تنهنڪري اسان کي گهرجي ته الله پاڪ کان دعائون گهرندا رهون.