Ghazwa e Badar Aur Seekhne Ki Baatein

Book Name:Ghazwa e Badar Aur Seekhne Ki Baatein

اطاعت ڪاميابيءَ جي پهرين شرط آهي

ٻين قومن جو انداز ڪهڙو به هجي، البته هڪ مؤمن شخص لاءِ هر سطح تي ڪاميابي جو پهريون شرط الله ۽ ان جي رسول جي اطاعت آهي. جيڪڏهن يقين نه اچي ته تاريخ کولي ڏسو، مسلمانن جڏهن به الله ۽ رسول جي حڪمن تي پنهنجو عمل ڪيو، ڪاميابي انهن جو مقدر بڻجي ۽ جڏهن  به الله ۽ رسول جي نافرماني ڪئي  ته ذلت ۽ رسوائي ئي نصيب ٿي آهي.

غزوهءِ بدر کي ئي ڏسو! 313  مسلمانن جي شاندار فتح جي سببن مان هڪ بنيادي سبب  اطاعت ۽ فرمانبرداري آهي. الله پاڪ جا آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہُم کي ساڻ ڪري مدينه منوره کان روانا ٿيا، ان وقت جنگ جو ارادو نه هو، بلڪه مقصد ڪجهه ٻيو هو، رستي ۾ خبر پئي ته مڪي جا ڪافر لشڪر ساڻ ڪري بدر جي ميدان ۾ گڏ ٿي رهيا آهن، جنهن تي پياري آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہُم سان مشورو فرمايو ته هاڻي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ مسلمانن جي پهرين خليفي حضرت ابوبڪر صديق ۽ مسلمانن جي ٻئي خليفي حضرت عمر فاروق اعظم ۽ ٻين مهاجر صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہُم عرض ڪيو: يا رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! (توهان جي خاطر ئي مَڪو ڇڏيو، پنهنجو گهر ٻار قربان ڪيو) هاڻي پنهنجيون جانيون به قربان ڪنداسين. پوءِ پياري آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم انصارن ڏانهن متوجهه ٿيا، حضرت سعد بن عبادہ رَضِیَ اللهُ عَنْہُ اٿي بيٺا، عرض ڪيائون: يا رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! شايد توهان اسان جي راءِ معلوم ڪرڻ چاهيو ٿا، اي الله پاڪ جا آخري نبي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! بدر جو ميدان ته ڪا ڳالهه ئي نه آهي، اوهان حڪم ڪيو ته اسان سمنڊ ۾ به لهڻ لاءِ تيار آهيون. ٻئي انصاري صحابي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ اٿي بيهي  عرض ڪيو: يا رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اسان بني اسرائيل وانگر ناهيون، جن حضرت موسى عليه السلام کي چيو هو: