Ghazwa e Badar Aur Seekhne Ki Baatein

Book Name:Ghazwa e Badar Aur Seekhne Ki Baatein

سان ايندو آهي. ([1]) * موجوده دور جي بُراين مان هڪ وڏي بُرائي اها به آهي ته ماڻهو علمِ دين کان پري ٿيندا پيا وڃن * ديني ڪتاب پڙهڻ جو شوق نه هئڻ جي برابر آهي * اڳي زماني جا ماڻهو ديني ڪتابن ۾ تمام گهڻي دلچسپي رکندا هئا * ڏينهن رات ڪتاب پڙهندا هئا * جنهن ڪري انهن وٽ ديني معلومات به ڪافي هوندي هئي * ۽ سندن زندگي به پاڪيزه گذرندي هئي.

اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي گهر گهر علمِ دين جي روشني پهچائي رهي آهي * بانئِ دعوتِ اسلامي، شيخِ طريقت، اميرِ اهلِ سنت   دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه  جن جي هيءَ خاصيت آهي ته هو پاڻ به علمِ دين جا ڏاڍا شوقين آهن ۽ عاشقانِ رسول کي به ديني ڪتاب پڙهڻ جو شوق ڏياريندا آهن * پاڻ هر هفتي هڪ ديني رسالو پڙهڻ جي ترغيب ارشاد فرمائيندا آهن * جيڪو مختصر هوندو آهي   * ڪجهه منٽن يا ڪجهه ڪلاڪن ۾ پڙهجي سگهي ٿو، توهان به پڙهندا ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!        تمام گهڻو فائدو ٿيندو * ديني معلومات وڌندي * علمِ دين سکڻ جو ثواب ملندو* ديني ڪتاب پڙهڻ سان ذهن به روشن ٿيندو آهي * نظر وسيع ٿيندي آهي *     حڪمت حاصل ٿيندي آهي * سوچ پاڪيزه ٿيندي آهي ۽ زندگي ۾ نکار اچي ويندو آهي * جديد سائنسي تحقيق جي مطابق ڪتاب پڙهڻ سان ذهني بيمارين کان به بچاءُ ٿيندو آهي.

مَعْرِفَۃُ الْقُرْآن موبائل ايپليڪيشن جو تعارف

پيارا اسلامي ڀائرو! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي آئي ٽي ڊيپارٽمنٽ هڪ تمام بهترين موبائل ايپليڪيشن مَعْرِفَۃُ الْقُرْآن جي نالي سان جاري ڪئي آهي. توهان هن ايپليڪيشن جي ذريعي *  قرآن پاڪ جو لفظي ۽ با محاوره ترجمو پڙهي سگهو ٿا * هن ايپلي ڪيشن ۾ آيتن جا عنوان به ڏنا ويا  آهن، جن جي مدد سان پنهنجي


 

 



[1]... بخاری،  کتاب العلم، باب العلم قبل القول و العمل، صفحہ:91۔