Ghazwa e Badar Aur Seekhne Ki Baatein

Book Name:Ghazwa e Badar Aur Seekhne Ki Baatein

ماڻهن وٽ موجود شين کان بي نياز ٿي وڃي.Top of Form

Bottom of Form

 ([1])

 پيارا اسلامي ڀائرو! هي شيطان جا ڪجهه دروازا آهن، جن جي ذريعي شيطان اسان کي گمراهه ڪندو آهي * نمازن ۾ سُستي شيطان جو دروازو آهي * پنهنجن گناهن کي وساري ڇڏڻ به شيطان جو دروازو آهي * پيٽ ڀري کائڻ به شيطان جو دروازو آهي * لالچ * ڊگهيون اميدون * آرام پسندي * خودپسندي * پنهنجي مسلمان ڀائرن کي حقير سمجهڻ * حسد ڪرڻ * رياڪاري ۽ ڪنجوسي وغيره، هي سڀ شيطان جا دروازا آهن. اسان کي گهرجي ته انهن ظاهري ۽ باطني براين کان هميشه بچندا رهون ته جيئن اسان شيطان جي  حملن کان محفوظ رهي سگهون.

شيطان کان بچڻ جا ڪجهه وڌيڪ طريقا

ان کان علاوهه شيطان کان بچڻ جا ڪجهه ٻيا به طريقا آهن. جن مان هڪ طريقو ڪثرت سان الله جو ذڪر ڪرڻ آهي. حضرت عمر بن عبدالعزيز رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کان روايت آهي ته ڪنهن الله پاڪ کان سوال ڪيو ته: مون کي انسان جي دل ۾ شيطان جي جاءِ ڏيکار ، خواب ۾ هن شيشي وانگر بلڪل صاف شفاف هڪ انساني جسم ڏٺو، جيڪو اندران ۽ ٻاهران بلڪل هڪجهڙو نظر اچي رهيو هو، شيطان کي ڏٺائين ته هُو ان انسان جي کاٻي ڪلهي ۽ ڪن جي وچ ۾ ڏيڏر جي شڪل ۾ ويٺو آهي ۽ پنهنجي ڊگهي سونڍ سان ان جي دل ۾ وسوسا وجهي رهيو آهي. جنهن وقت اهو انسان الله جو ذڪر ڪري رهيو هو ته شيطان فوري طرح پوئتي هٽي پئي ويو. ([2])

تَعَوُّذ پڙهڻ

پيارا اسلامي ڀائرو! شيطان کان بچڻ جو هڪ بهترين طريقو تَعَوُذ يعني أَعُوذُ بِاللّٰهِ مِنَ الشَّيْطٰنِ الرَّجِيْمِ جي ڪثرت ڪرڻ به آهي. يعني اسان اُٿندي، ويهندي، گهمندي،


 

 



[1]... تنبیہ الغافلین،باب عداوۃ الشیطان و معرفۃ مکایدہ، صفحہ345 ملخصاً ۔

[2]... مکاشفۃ القلوب، باب عداوۃ الشیطان، صفحہ:79۔