Ghazwa e Badar Aur Seekhne Ki Baatein

Book Name:Ghazwa e Badar Aur Seekhne Ki Baatein

اوهان نه ڏسي رهيا آهيو.[1]

الله! الله! پيارا اسلامي ڀائرو! ان مان معلوم ٿيو ته مڪي جي غيرمسلمن وٽ ساز و سامان جي ڪمي نه هئي، طاقت ۽ قوت جي به ڪمي نه هئي، تنهن هوندي به کين شڪست ملي، ان جو هڪ سبب هي به هو ته انهن شيطان مردود جي پيروي ڪئي، جڏهن اهي شيطان جي پويان لڳا ته شيطان انهن کي باهه ۾ اڇلي پاڻ فرار ٿي ويو. الله پاڪ اسان کي حڪم ڏنو آهي:

وَ لَا تَكُوْنُوْا كَالَّذِیْنَ خَرَجُوْا مِنْ دِیَارِهِمْ بَطَرًا وَّ رِئَآءَ النَّاسِ (پارہ:10، سورۂ اَنْفال:47)

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ انهن ماڻهن وانگرنه ٿجو جيڪي پنهنجن گهرن مان وڏائي ڪندي ۽ ماڻهن کي ڏيکاءُ ڪندي نڪتا

يعني اي مسلمانو...!! ڏسو! هي بدر جو واقعو توهان لاءِ عبرت آهي. مڪي جا غيرمسلم...!! جن جو بظاهر پَلڙو ڀاري هيو، تنهن هوندي به شڪست کاڌائون. اهي پنهنجن گهرن مان تڪبر ڪندي نڪتا هئا، پنهنجي طاقت ۽ شهرت جي هاڪَ ويهارڻ لاءِ نڪتا هئا، پر جڏهن شيطان جي پيروي ڪيائون ته کين ذلت ۽ رسوائيءَ جو منهن ڏسڻو پيو. اي مسلمانو...!! توهان هرگز انهن وانگر نه ٿجو، ڏيکاءُ نه ڪجو، فخر ۽ غرور ۾ نه پئجو، شيطان جي پيروي نه ڪجو، نه ته اوهان به ناڪامين جو منهن ڏسندؤ.

شيطان اسان جو دشمن آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! شيطان اسان جو دشمن آهي* خوشي هجي يا غمي        * عيد هجي يا رمضان * ڪهڙو به وقت هجي * ڪهڙو به ڏينهن هجي      * اسان کي هن بدبخت کي هميشه پنهنجو دشمن ئي سمجهڻو آهي * ڪنهن


 

 



[1] صراط الجنان، پارہ:10، سورۂ انفال، زیرِ آیت:48، جلد:4، صفحہ:22-23۔