Book Name:Ghazwa e Badar Aur Seekhne Ki Baatein
* حديثِ قدسي ۾ آهي، الله پاڪ فرمائي ٿو: اَنَا مَعَہُ اِذَا دَعَانِیْ يعني جڏهن ٻانهو مون کان دعا گهرندو آهي ته مان ان سان گڏ هوندو آهيان.[1]
اعليٰ حضرت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه هن حديث جي شرح ۾ فرمائن ٿا: هن مان خاص ڪرم ۽ رحمت سان گڏ هجڻ مراد آهي، الله پاڪ جي اها خاص رحمت دعا گهرڻ واري کي نصيب ٿيندي آهي.[2] * حديث شريف ۾ آهي: دعا کان عاجز نه ٿيو، ڇو ته ڪو به شخص دعا سان هلاڪ نه ٿيندو.[3] * هڪ ٻي حديث شريف ۾ آهي: دعا مسلمان جو هٿيار، دين جو ٿنبو ۽ آسمان جو نور آهي.[4]* پياري آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ڇا مان توهان کي اهڙي شيءِ جي باري ۾ نه ٻڌايان، جيڪا توهان کي توهان جي دشمن کان نجات ڏياري ۽ توهان جي رزق کي وسيع ڪري، رات ڏينهن الله پاڪ کان دعا گهرندا رهو ڇو ته دعا مؤمن جو هٿيار آهي.[5]
الله پاڪ اسان کي ڪثرت سان دعائون گهرڻ جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
پيارا اسلامي ڀائرو! قرآن پاڪ ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي غزوهءِ بدر جو ذڪر ڪيو ويو آهي، سورت انفال ۾ ان جو تفصيلي بيان آهي. ان جاءِ تي غزوهءِ بدر جو ذڪر ڪرڻ کان پوءِ الله پاڪ اسان کي ڪجهه حڪم ڏنا آهن. انهن مان صرف