Book Name:Ghazwa e Badar Aur Seekhne Ki Baatein
پاڪ جي سامهون وڃين ته وڃي ٻڌائجان ته وليد مون سان هي سلوڪ ڪيو آهي.
تاريخ گواهه آهي ته هن واقعي کان ڪجهه ئي ڏينهن کان بعد وليد بن يزيد جو سِرُ ڌڙ کان ڌار ڪري، ان جي ئي محل ۾ لٽڪايو ويو، سندس چاچي جي پٽ ئي ان جي خلاف بغاوت ڪئي ۽ اعلان ڪرايو ته جيڪو وليد جو سِرُ ڪٽي کڻي ايندو، ان کي هڪ لک درهم (يعني چاندي جا سڪا) انعام طور ڏنا ويندا. آخرڪار وليد جو سِرُ ڪٽي ان جي چاچي جي پٽ جي آڏو پيش ڪيو ويو. هن ڪجهه ڏينهن ته وليد جو سِرُ سندس محل ۾ ئي لٽڪائي رکيو، پوءِ چونڪ تي ٽنگي ڇڏيو. ([1])
ملے خاک میں اَہْلِ شاں کیسے کیسے مکیں ہو گئے لامکاں کیسے کیسے
ہوئے نامور بےنشاں کیسے کیسے زمیں کھا گئی نوجواں کیسے کیسے
جگہ جی لگانے کی دُنیا نہیں ہے یہ عبرت کی جا ہے، تماشا نہیں ہے
الله اڪبر! پيارا اسلامي ڀائرو! ڪيڏي نه عبرت جهڙي ڳالهه آهي! وقت جو بادشاهه آهي، پر جڏهن الله ۽ رسول جي فرمانبرداريءَ کان ٻاهر نڪتو، نافرمانيءَ جي راهه ورتائين ته سندس تي قهر نازل ٿيو. معلوم ٿيو ته تباهي جو سفر الله ۽ رسول جي نافرمانيءَ کان شروع ٿيندو آهي. تنهنڪري اسان کي گهرجي ته هر وقت الله ۽ رسول جي فرمانبرداري ڪندا رهون.
افسوس! اسان وٽ هي دستور بڻجندو پيو وڃي ته ماڻهو شريعت کان وڌيڪ پنهنجي مزاج کي ڏسندا آهن. جيڪو دل ۾ ايندو آهي، اهو ڪندا آهن، الله ۽ رسول ڇا فرمايو آهي؟ شريعت ان بابت ڇا چيو آهي؟ اهو سوچڻ ئي گوارا نه ڪندا آهن * دل ۾ خيال آيو ته ڪاروبار ڪرڻو آهي، پر جيڪو ڪرڻ وڃي رهيا آهن، اهو حلال آهي يا حرام؟ جائز آهي يا ناجائز؟ ان جي پرواهه ئي نه ڪئي