Ghazwa e Badar Aur Seekhne Ki Baatein

Book Name:Ghazwa e Badar Aur Seekhne Ki Baatein

به وقت ان جي ڄار ۾ ڦاسڻو نه آهي. اْلله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

اِنَّ الشَّیْطٰنَ لَكُمْ عَدُوٌّ فَاتَّخِذُوْهُ عَدُوًّاؕ- (پارہ:22، فاطر:6)

ترجموڪنزالعرفان: بيشڪ شيطان توهان جو دشمن آهي سو توهان به ان کي دشمن سمجهو

يعني اي انسانو! الله پاڪ جي عبادت تي قائم رهي ۽ الله پاڪ جي نافرماني ۾ شيطان جي پيروي نه ڪندي، شيطان سان دشمني جاري رکو! ان کي هميشه پنهنجو دشمن ئي سمجهو! ([1])

ڪيڏو واضح حڪم آهي! شيطان اسان جو دشمن آهي ۽ اسان کي حڪم ڏنو پيو وڃي ته هن بدبخت لعنتي کي هميشه دشمن ئي سمجهو...!!

اسان کي گهرجي ته ان کي دشمن سمجهون. هاڻي ٻڌايو! جيڪو دشمن هجي، ڇا ٻانهو ان جي ڳالهه مڃيندو آهي؟ ان جي پيري ڪندو آهي؟ ان جي طرف وڌندو آهي؟ نه، هرگز نه. تنهنڪري * جڏهن شيطان چئي: نماز نه پڙهو! ته اسان کي ان جي ڳالهه نه مڃڻي آهي * جڏهن شيطان گناهه جو وسوسو وجهي، ته ان جي ڳالهه نه مڃڻي آهي * جڏهن شيطان غربت جو وسوسو وجهي، ته ان جي ڳالهه نه مڃڻي آهي، پر دل کولي سخاوت ڪرڻي آهي * شيطان نيڪي کان روڪي، ته اسان کي رڪڻو نه  آهي، بلڪه نيڪ ڪم جاري رکڻا آهن. مطلب ته ڇا به ٿي پئي اسان کي هر وقت شيطان کي پنهنجو دشمن ئي سمجهڻ گهرجي ۽ ان خبيث کان بچڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندا رهون.

شيطان جا 10 دروازا ۽ انهن کان بچڻ جو طريقو

هڪ بزرگ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائي ٿو: مون غور ڪيو ته شيطان جا دروازا ڪهڙا آهن جن جي ذريعي هو انسان کي ڀُلائي وجهندو آهي؟ ته مون کي قرآن ۽ حديث جي روشنيءَ ۾ معلوم ٿيو ته شيطان جا 10 دروازا آهن ۽ انهن کان بچڻ جا به


 

 



[1]...مکاشفۃ القلوب، باب فی عداوۃ الشیطان، صفحہ:69۔