Ghazwa e Badar Aur Seekhne Ki Baatein

Book Name:Ghazwa e Badar Aur Seekhne Ki Baatein

الله صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم! ايتريون دعائون ڪافي آهن.[1] روايتن ۾ وڌيڪ اچي ٿو ته پاڻ صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم اها رات ميدانِ بدر ۾ دعائون گهرندي گذاري.[2]  

سُبْحٰنَ الله!    پيارا اسلامي ڀائرو! ڇا شان آهي اسان جي محبوب آقا صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم  جو...!! علمِ پاڪ جي اها ڪيفيت آهي جو  هڪ ڏينهن پهريان ئي جنگ جو پورو نقشو بيان ڪري ڇڏيائون، نتيجا به ٻڌائي ڇڏيائون! اهو به ٻڌائي ڇڏيائون ته ابوجهل ڪٿي مرندو، عُتبه ۽ شَيْبه زخمي ٿي ڪٿي ڪرندا. ٻئي طرف الله پاڪ سان لَو لڳائڻ جي اها ڪيفيت آهي جو خوب ليلائي ليلائي دعائون فرمائي رهيا آهن.

دعا گهرڻ جي عادت بڻايو!

افسوس! اڄڪلهه اسان وٽ دعائون گهرڻ جي سوچ گهٽجندي پئي وڃي. هي تمام وڏو مسئلو آهي، ماڻهو دعائون ناهن گهرندا، تمام گهٽ ماڻهو  دعائون گهرندا آهن، ڪيترائي اهڙا آهن، جيڪي مسجد ۾ ايندا آهن، نماز پڙهندا آهن، ڪي ته اهڙا آهن، جيڪي دعا گهرندا ئي نه آهن ۽ جيڪي گهرندا آهن، انهن جي حالت اها آهي جو کين دعا ۾ هٿ کڻڻ جو سليقو ئي معلوم نه آهي، بس ٻن هٿن جي مُٺ ٺاهي، هيڏانهن هوڏانهن نهاريندي، ڪجهه رَٽيل جملا زبان سان ادا ڪري ڇڏيندا آهن، اهو به احساس نه هوندو آهي ته اسان گُهري ڪنهن کان رهيا آهيون؟ ۽ اهو به معلوم نه هوندو آهي ته گُهري ڇا رهيا آهيون؟ ياد رکو! دعا خود هڪ عبادت بلڪه عبادت جو مغز آهي. هيءُ به باقاعده هڪ ڪم آهي. اسان کي گهرجي ته الله پاڪ جي حضور گهڻي کان گهڻيون دعائون گهرون، روئي روئي گهرون، الله پاڪ جي حضور هٿڙا کڻي التجا ڪيون جيڪو گهرڻو هجي، پنهنجي ربِّ ڪريم کان گهرون، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!     نامراد نه رهنداسين.


 

 



[1] بخاری، کتاب الجہاد و السیر، باب ما قیل فی درع...الخ، صفحہ:752، حدیث:2915۔

[2] مصنف ابن ابی شیبہ، کتاب المغازی، باب غزوۃ بدر الکبریٰ و متی ...الخ، جلد:8، صفحہ:472، حدیث:27۔